سون جا اگهه وڌڻ لڳا هڪ ڌڪ سان 2800 في تولو واڌ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ملڪ ۾ سون جو اگهه هڪ ڀيرو ٻيهر وڌي رهيو آهي ۽ سنڌ صرافه بازار جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جي في تولو قيمت ۾ 2800 رپيا واڌ ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ سون جو في تولو اگهه 123000 رپيا ٿي ويو آهي. سون جي 10 گرام جو اگهه 2401 رپيا وڌي 105453 رپيا ٿي ويو آهي. عالمي منڊي ۾ سون جو اگهه 26 ڊالر وڌي 1818 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو