سول سوسائٽي هالا پراڻا جي سماجي ڪمن جي واکاڻ

اسلام آباد (پ ر)سول سوسائٽي سنڌ هالا پراڻا، پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس اسلام آباد جي سهڪار سان سماجي ڪمن ۽ سوسائٽي جي طرفان علم ادب صحت ثقافت جي ميدان ۾ ڪيل خدمتن جي اعتراف ۾ ھڪ تعارفي سيمينار PNCA  اسلام آباد جي آڊيوٽورم ۾ منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ اسلام آباد جي هر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ شخصيتن ۽ دارالحڪومت جي اعليٰ آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. جنهن ۾ ، وفاقي جوائنٽ سيڪريٽري مريد علي راهمون، وفاقي جوائنٽ سيڪريٽري محمد دين جکراڻي، مسٽر ايوب جمالي، ڊپٽي ڊائريڪٽر پي اين سي اي مفڪر شاعر سرواڻ چانڊيو، پيمرا اسلام آباد جو ڊائريڪٽر جنرل شميم دراني، مهراڻ اسٽوڊنٽس ايسوسئيشن، اسلامڪ يونيورسٽي جو وائيس چيئرمين مجيب اللهٰپنهور، سينئر وائيس چيئرمين محمد حامد سومرو جوائنٽ سيڪريٽري سراج احمد ، انور علي ڪيريو، عارف علي کوسو، سيد اعظم شاھ ، نثار کهڙو، گلشن اڄڻ ، محسن ڀاڳت، عبدالرب ، ۽ اهم شخصيتن ۽ سول سوسائٽي جي مرڪزي چيئرمين سيد گلفام ڪاظمي جوائنٽ سيڪريٽري عاشق ھالائي انفارميشن سيڪريٽري عبدالرحيم ميمڻ، ايگزيوڪيٽو ڪميٽي ميمبر رٽائرڊ ايس پي نظير احمد ميمڻ، مولوي عبد الرشيد قريشي ، نعيم هالو ارباب شرڪت ڪئي. مقررن پنهنجي خطاب ۾ سول سوسائٽي سنڌ جي ڪيل ڪمن جي واکاڻ ڪئي ۽ خدمت جي جذبي کي ساراهيو چيئرمين سيد گلفام ڪاظمي سوسائٽي جي ڪيل ڪمن جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي ۽ ڊاڪيومينٽري فلم پيش ڪري حاضرين کي تفصيل کان آگاھ ڪيو ۽ آئينده جي لاءعمل کان آگاه ڪيو وفاقي جوائنٽ سيڪريٽريز ۽ ٻين سول سوسائٽي جي اهڙي جذبي کي ڏسي  مبارڪون پيش ڪيون. پروگرام جي ڪاروائي مشهور شاعر اديب عاشق هالائي هلائي۔

پهنجو تبصرو موڪليو