سنڌ ۾ وڏيرا شاهي نه هلندي، ناظم ۽ سوڍر کي انصاف ڏيو

خيرپور ناٿن شاھ(رپورٽ برڪت علي چانڊيو) سنڌ يونائيٽڊ پارٽي طرفان بيگناھ قتل ٿيل ناظم جوکيو ۽ زين العابدين جي قاتلن جي گرفتاري لاء سٽي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن جو چوڻ ھو ته سرداري نظام سنڌين جو قتل عام ڪري ڇڏيو آھي، ايس يو پي جي اڳواڻن نظير احمد ٻٻر، حسين لغاري، وسيم ڀرڳڙي، مھراڻ ٻٻر ۽ جميل چانڊيو جو چوڻ ھيو ته سنڌ ۾ شڪار تي پابندي لڳائي وڃي، سنڌ ۾ لاقانونيت جي انتھا آھي، وڏيري شاھي لاء قانون ناھي باقي غريب قانون جي گرفت ۾ جڪڙيا وڃن ٿا جيڪا سراسر ناانصافي آهي، سنڌ کي مقتل گاھ بڻايو ويو آهي، اسان چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ آء جي سنڌ کي اپيل ٿا ڪريون ته زين العابدين سوڍر ۽ ناظم جوکيو جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو