سنڌ ۾ بدامني جي باهه ٻريل آهي، حڪومت ناڪام ٿي چڪي، محنتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي سنڌ ۾ وڌندڙ لاقانونيت ۽ بدامني تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هن وقت ڪراچي کان ڪشمورتائين سموري سنڌ لاقانونيت ۽ بدامني جي باهه ۾ ٻري رهي آهي، ڪراچي ۽ قمبر ۾ سنڌ جي ظالم جاگيردار ۽ ڀوتارن هٿان ناظم جوکيو ۽ ڀيڻ فهميده سيال جو بي دردي سان قتل ۽ قرآن پاڪ جي بي حرمتي قابل مذمت ۽ بدترين واقعو توڙي انساني حقن جي پامالي آهي، اسان مطالبو ٿا ڪريون ته ناظم جوکيو ۽ فهميده سيال جي قاتلن کي عبرت ناڪ سزا ڏئي متاثر خاندانن کي انصاف ۽ تحفظ ڏنووڃي،نوشهرو فيروز ۾ سولنگي برادريءَ جي ٻن نوجوانن کي جعلي پوليس مقابلي ۾ مارڻ جو واقعو پڻ قابل مذمت آهي، وڏو وزير، آءِ جي سنڌ پوليس ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ان واقعي جي اڻ ڌري جانچ ڪري ملوث ماڻهن کي سزا ۽ متاثر ماڻهن کي انصاف ڏيارين. اهڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي سنڌ جي صوبائي آفيس قباءَ آڊيٽوريم ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ، نائب امير ممتاز حسين سهتو، حافظ نصرالله چنا، نظام الدين ميمڻ ۽ صوبائي سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چناپڻ موجود هئا. محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته مُدي خارج بدبودار ڀوتارڪو نظام ۽ نااهل قيادت سنڌ جي عوام کي بُک،. بدحالي، بدامني ۽ محرومين کان سواءِ ڪجهه به ناهي ڏئي سگهي، سنڌ ۾ پاڻي چوري، ڌاڙيل گردي، قبيلائي جهيڙن ۽ معاشي بدحالي جي پويان به وڏيراشاهي جي ذهنيت آهي، سنڌ حڪومت شهرين جي جان، مال ۽ عزت آبرو جي تحفظ ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي چڪي آهي، ناظم جوکيو، فهميده سيال ۽ اُم رباب چانڊيو جي خاندان جي مقتولن جي قتل جو الزام برسراقتدار پيپلزپارٽي جي ايم پيز مٿان آهي، سنڌ حڪومت جي بي حسي ۽ پوليس جي تڪراري ڪردار جي ڪري اڄ سنڌ جو عوام عدم تحفظ جو شڪار آهي، صوبائي امير وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي ان ظالماڻي ۽ ڀوتارڪي نظام خلاف ۽ هر مظلوم سان گڏ بيٺل آهي، اسلامي نظام ۽ ديانتدار قيادت سان ئي سنڌ خوشحال ۽ ماڻهن جي دردن جو درمان ٿي سگهي ٿو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو