سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سي اين جي 20 روپيا ڪلو تي واڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر )سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سي اين جي جي اگهه ۾ 20 رپيا في ڪلو واڌ،  سي اين جي 200 رپيا ڪلو ٿي وئي آهي. ان حوالي سان آل پاڪستان سي اين جي ايسوسيئيشن جي چيئرمين چيو آهي ته سيپٽمبر ۾ سي اين جي جو اگهه 150 رپين مان وڌائي 180 رپيا ڪيو ويو هو. هن چيو ته سرڪار پاران سي اين جي  جي في ڪلو تي جي ايس ٽي 11.86 مان 21.77 رپيا ڪرڻ بعد اسان سي اين جي جو اگهه 200 رپيا ڪيو آهي. هن  مطالبو ڪيو ته آر ايل اين جي تي جي ايس ٽي  گھٽائي 5 سيڪڙو ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو