سنڌ کي عورتن جو مقتل گاهه بڻڻ نه ڏينداسين، زينت سمون

حيدرآباد(بيورو رپورٽ)سنڌ ۾ عورتن جي قتل، اغوا، زبردستي مذھب مٽائڻ ۽ تشدد خلاف سنڌياڻي تحريڪ پاران پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو ويو۔ احتجاج ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي۔ احتجاج جي اڳواڻي زينت سمون، عذره رند، راحيلا ڀٽو، نور مگسي، نصرت خاصخيلي ۽ ٻين ڪئي۔ ان موقعي تي اڳواڻن چيو تہ سنڌ کي عورتن لاء مقتل گاھ بنايو ويو آھي۔ ڪجھ ڏينھن اڳ ڪنڌڪوٽ ۾ ميمونا سومرو کي قتل ڪيو ويو۔ حيدرآباد ۾ قرت العين ۽ ھاڻ فھميده سيال ۽ سمبل ڀٽي کي قتل ڪيو ويو آھي۔ جرڳائي نظام جي ڪري قتل ڪيل معصوم عورتن جا خون لوڙھيا وڃن ٿا۔ ھنن چيو تہ معصوم نياڻيون اغوا ڪري زبردستي مذھب تبديل ڪري شاديون ڪرايون وڃن ٿيون۔ اڳواڻن چيو تہ عورتن جو قتل ظلم، بربريت ۽ دھشتگردي آھي۔ ھنن چيو تہ سنڌ حڪومت نياڻين جي تعليم لاء ڪجھ نہ ڪيو آھي۔ ٻھراڙي وارن علائقن ۾ نياڻين جا اسڪول ناھن۔ جيڪي اسڪول ۽ ڪاليج قائم ھن، انھن ۾ تعليم ناھي۔ يونيورسٽي ۾ نياڻين جي تعليم جي رستا روڪ ڪئي وڃي ٿي۔ تعليم دشمن حڪمران سڄي سماج ۾ جھالت، انارڪي، تشدد پکيڙي رھيا آھن۔ ھنن مطالبو ڪيو تہ عورتن جي قتل جي جوابدارن کي گرفتار ڪري خونن سان انصاف ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو