سنڌ مان ٻن ٽن سالن ۾ گيس ختم ٿي ويندي، حماد اظهر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت طرفان سنڌ مان نڪرندڙ گئس جو 80 سيڪڙو صوبي ۾ ئي استعمال ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، توانائي جي وفاقي وزير حماد اظهر سينيٽ ۾ گئس بحران تي بحث دوران چيو آهي ته سنڌ صوبو 70 سيڪڙو نه، پر 38 سيڪڙو گئس فراهم ڪري ٿو. وفاقي وزير جو چوڻ ھو تھ بلوچستان 40، ڪي پي 12 ۽ پنجاب 8 سيڪڙو گئس فراهم ڪن ٿا. 2019ع کان گئس جا اگهه نه وڌيا آهن، سڀ کان وڌيڪ گئس ذخيرن ۾ گهٽتائي سنڌ ۾ ٿي رهي آهي، ٻن ٽن سالن ۾ سنڌ به گئس خريد ڪندڙ صوبو بڻجي ويندو. ھن چيو تھ  ملڪ ۾ گئس بحران جو ايل اين جي سان ڪوبه واسطو نه آهي، ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان سستو ايل اين جي معاهدو پي ٽي آءِ حڪومت ڪيو، نواز ليگ جي حڪومت ۾ لڳايل ايل اين جي ٽرمينلز تي چار ڪروڙ رُپيا هڪ ڏينهن ۾ ادا ڪرڻا پوندا آهن، اسان جيڪي ٽرمينلز لڳائي رهيا آهيون، اُنهن جي مسواڙ نه ڏيڻي پوندي.  سينيٽ ۾ اپوزيشن جي گئس بحران تي بحث دوران حڪومت مٿان ڇتي تنقيد ڪئي وئي، پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو ته ملڪ ۾ گئس جو سنگين بحران آهي، گئس جا اگهه به خوفناڪ حد تائين 300 سيڪڙو وڌايا ويا آهن. نيب ۽ اوگرا ايل اين جي اسڪينڊل تي ڇو خاموش آهن؟ شيري رحمان جو چوڻ ھو تھ حڪومت گرمين ۾ سستي ايل اين جي خريد نه ڪئي، هاڻي 30 ڊالرز مهانگي ايل اين جي خريد ڪرڻ سان 10 کرب جو نقصان ٿيو آهي، نئين پاڪستان ۾ ماڻهو رڌ پچاءُ به نه ڪري سگهندا، سڄو ملڪ سنڌ ۽ بلوچستان جي گئس کائي ويو، پر ٻنهي صوبن کي ڪجهه نه مليو، 70 سيڪڙو گئس پيدا ڪرڻ باوجود سنڌ ۾ 52 سيڪڙو آبادي جا چُلها ٿڌا ٿي ويا آهن. معيشت ۽ گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس ڏيڻ سنڌ جو آئيني حق آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو