سنڌ پاران ڪڻڪ جو خريداري اگهه 2200 روپيا في مڻ مقرر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏو وزير مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس ۾ ڪڻڪ جو اگهه 2200 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، زرعي دوائن ۽ ڀاڻ جي قيمت ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن سبب پيداواري لاڳت وڌي وئي آهي. باقي صوبن جي خبر ناهي پر اسان پنهنجي صوبي جي هارين جي فائدي لاءِ اهو فيصلو ڪيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته ڪڻڪ ۾ خود ڪفيل ٿيون. هن چيو ته اڄ سنڌ ڪابينا ڪيترائي فيصلا ڪيا آهن، اسان ايندڙ مالي سال لاءِ ڪڻڪ جو اگهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي ڀاڻ ۽ تيل جي اگهن ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي ڪڻڪ جو اگهه 2200 رپيا في مڻ مقرر ڪيو ويو آهي. هي هارين لاءِ سٺي خبر آهي، اسان ڪڻڪ جي پيداوار وڌائڻ چاهيون ٿا، گذريل سال اسان تي تنقيد ڪئي وئي وفاقي حڪومت پنهنجي هارين کي نه پر ٻاهرين ملڪن کي فائدو ڏيڻ چاهي ٿي ڪابينا ميرپورخاص ۾ هاءِ ڪورٽ بئنچ قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي اهو عمل آئين ۾ ڏنل طريقي تي عمل ڪندي ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو