سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين:مگسي

حيدر آباد (ن س)سنڌ هڪ تاريخي قديمي ۽ دائمي مادر وطن آهي ان جي انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين. سنڌ خلاف ٿيندڙ سموريون سازشون ناڪام ٿينديون. بوگس آدمشماري جو ڍونگ بند ڪيو وڃي. سنڌ هن آدمشماري جا نتيجا قبول نه ڪندي اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڊجيٽل آدمشماري خلاف هلندڙ احتجاجي تحريڪ جو جائزو وٺڻ لاءِ پارٽي جي سينئر اڳواڻن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ هلندڙ ڊجيٽل آدمشماري خلاف احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ طاقتور بڻائڻ جي لاءِ مختلف فيصلا ڪيا ويا. اجلاس کي خطاب دوران سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ هزارين سالن سنڌين جو تاريخي دائمي ۽ فطري مادر وطن آهي جنهن جي هڪ هڪ انچ جي حفاظت ڪرڻ جي لاءِ سنڌي قوم تيار آهي. سنڌ جي وحدت ۽ سنڌي قوم جي حق حاڪميت جي خلاف هميشه سازشون ٿينديون رهيون آهن پر سنڌ جا ماڻهن انهن کي سدائين ناڪام بڻايو آهي. هن وقت جيڪا ڊجيٽل آدمشماري ڪئي پئي وڃي اها سنڌ جي خلاف هڪ سازش آهي. وفاقي حڪومت پ پ پ حڪومت جي سهاري تي بيٺل آهي. جيڪڏهن پ پ پ حڪومت چاهي ته فوري طور آدمشماري واري عمل کي روڪرائي سگهي ٿي پر پ پ پ سرڪار ان تي سنجيده ناهي اها بس چاهي ٿي ته کيس اين ايف سي وڌيڪ ملي ته جئين اڃان وڌيڪ ڪرپشن ڪري ساڳي طرح وفاقي حڪومت پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ جي لاءِ وقت کان اڳ آدمشماري جو ڌونگ رچايو آهي. هن چيو ته هن سازشي آدمشماري کي نه روڪيو ويو ته ان جا نتيجا قبول نه ڪنداسين. سنڌ ترقي پسند پارٽي پنهجي احتجاجي تحريڪ کي جاري رکندي. رمضان شريف کان پوءِ جدوجهد جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويندو. اجلاس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻن گلزار سومرو، حيدر شاھاڻي ،حيدر ملاح ،ڊاڪٽر سومار مڱريو ،قادر چنا ، امتياز سمون ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو