ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم پرائيندڙ افغان شاگردن جا تفصيل سامهون اچي ويا، مختلف اسڪولن ۾ 121 غير قانوني افغان تعليم پرائي رهيا آهن. ڪراچي جي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم پرائيندڙ افغان شاگردن جي ڊيٽا گڏ ڪئي وئي، ڊائريڪٽر اسڪول يار محمد بالادي جو چوڻ آهي ته 121 غير قانوني افغاني شاگرد شهر جي مختلف اسڪولن ۾ پڙهي رهيا آهن. هن ٻڌايو ته 55 افغان شاگرد ڏکڻ ضلعي، 24 ڪورنگي، 15 سينٽرل، 14 ويسٽ، 7 ملير، 4 ڪياماڙي ۽ 2 ايسٽ ۾ پڙهي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرن کي ڊيٽا گڏ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا هئا، افغان شاگردن جي اها فهرست سنڌ حڪومت کي موڪلي ويندي.
