سنڌ جا ‘خصوصي ڪرڪيٽر’ ۽ سندن حيران ڪن صلاحيتون

ليکڪ اي اي  عباسي

 هر سال پاڪستان ۾ صرف هڪ صوبي پنجاب ۾ پوري ملڪ جي اسپيشل ( ڊيف ) معذور ڪرڪيٽر نوجوانن جي لاءِ لاهور ۾ ملڪي سطح تي ٽورنامينٽ منعقد ڪئي ويندي آهي جيڪا گذريل ٻن سالن کان ڪرونا سبب ملتوي ڪئي وئي آهي، سنڌ جي معذورن ۾ وڏو ٽئلنٽ اهليت آهي انهيءَ باوجود هر سال سنڌ ۾ حڪومتي سطح تي ٽورنامينٽ نه ٿيڻ سبب سوين معذور ڪرڪيٽر پنجاب صوبي ڏانهن وجهائيندا رهن ٿا، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي. سي. بي)  ڊيف پاران لاهور ۾ ملڪي سطح تي 2 3  شهرن جي وچ ۾ مقابلا  ٽورنامينٽ ٿيندا آهن. جنهن ۾ چئني صوبن جي 2 3  شهرن اسلام آباد، لاهور،فيصل آباد، پشاور، ڪوئيٽا، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ٻين شهرن جون ٽيمون شامل آهن، انهن جي وچ ۾ اڳ ۾ به ڪيترائي مقابلا ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي وري جنوري فيبروريءَ ۾ پڻ قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ هڪ دفعو ٻيهر ٽورنامينٽ ۾ سنڌ جا سنڌي ڪرڪيٽ رانديگر جيڪي بظاهر ٻڌي نٿا سگهن ۽ ڊيف اسپيشل آهن  پر انهن جون صلاحيتون خصوصن نمايان آهن ۽ اهي خصوصي نوجوان ڪرڪيٽ جي راند ۾ ميدان ملهائيندا اچن ٿا، ۽ اهي پنهنجي انهيءَ عمل ذريعي نه صرف سنڌ ڌرتي جو نالو روشن ڪن ٿا پر اهي پنهنجي صوبي جي نمائندگي ڪندي ٻين صوبن جي رانديگرن کي ڪرڪيٽ راند ۾ شڪست ڏئي انعام، شيلڊون ۽ ڪپ حاصل ڪري ڊيف ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي برادريءَ جي رهنمائي حاصل ڪن ٿا ۽ انهن جو اهو جوش جذبو باعث فخر جوڳو آهي.

Photo Sindhyar

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي حوالي سان سنڌ جي رانديگرن خاص ڪري سنڌي رانديگرن کي وڏيون شڪايتون آهن ته آخر ڪار گذريل  73سالن کان سنڌي ڳالهائيندڙ سنڌ جي رانديگرن کي قومي ٽيم ۾ ڇو نه ٿو کنيو وڃي جڏهن ته ڪرڪيٽ جي ٽيمن ۾ بهترين بالر ۽ بيٽسمين هجڻ باوجود انهن کي ايڏي عرصي گذرڻ باوجود انهن کي سنڌ جي نمائندگي جي لاءِ نه ٿو چونڊيو وڃي ۽ ان جي جاءِ تي 73 سالن کان ٻين ٻولين ڳالهائڻ وارن کي اڪثر ڪري پنجاب ۽ خيبرپختونخواه جي ئي رانديگرن کي هميشه اهل سمجهي ڪري انهن کي هميشه قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ کنيو ويو آهي پر تازو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) انهي سلسلي ۾ گهٽ ۾ گهٽ اسان جي نه ٻڌندڙ يعني اسپيشل نوجوانن جيڪي گونگا ۽ ٻوڙا آهن انهن کي ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ وسيع موقعا فراهم ڪيا ويا آهن ۽ ان سلسلي ۾ سنڌي نوجوانن جيڪي ڪپتان خليل الرحمان عباسي جي اڳواڻي ۾ نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ ۾ ڪرڪيٽ جي مقابلن دوران پاڪستاني ٽيم ۾ لاڙڪاڻي جي نوجوانن خليل عباسي جي بهترين فليڊنگ سبب انڊيا ڪرڪيٽ  ٽيم کي شڪست ڏنائون ۽ اهڙي طرح اهو پي سي بي جو وسيع تر موقعن وارو ماحول فراهم ٿيڻ کانپوءِ اهي اسپيشل لاڙڪاڻي جا نوجوان ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ پاڻ ملهائيندي لاهور اندر سموري پاڪستان جي تقريبن 32  وڏن شهرن جي رانديگرن جي وچ ۾ ڪرڪيٽ جا ٽورنامينٽ دوران مقابلا ٿيندا رهيا جنهن ۾ سموري ملڪ جي اسپيشل نوجوانن ڪرڪيٽ ۾  پنهنجي ڪاميابين لاءِ ڪوششون ڪندا رهيا پر ان موقعي تي لاڙڪاڻي جي نوجوانن ۾ ڪرڪيٽ جي اندر وڏو نالو ڪمائيندڙ ڪپتان خليل الرحمان  عباسي جيڪو بيٽنگ توڙي بالنگ ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاريندي انهي ملڪي سطح تي کيڏي ويندڙ ٽورنامينٽ دوران  بلوچستان جي ڪوئيٽا ۽ پنجاب جي سرگودا جي ٽيمن کي شڪست ڏنائون ۽ پنهنجي ڪاميابي تي لاڙڪاڻي جي اسپيشل نوجوانن خوشي ۾ نعرا لڳايا ۽ اهڙي طرح اهي نوجوان نه صرف پي سي بي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ   ۾ هڪ دفعو نه پر ڪيترا ڀيرا انهن لاهور جي شهر ۾ پي سي بي پاران منعقد ٿيندڙ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽن ۾ پنهنجي ڪرڪيٽ راند ۾ سنڌ جو نالو مٿي ڪيائون ۽ انهن سنڌي ڪرڪيٽ رانديگرن پنجاب جي شهر لاهور  ۾ پوري ملڪ جي ڪرڪيٽرن اڳيان پنهنجي عاليشان ڪارڪردگي ڏيکاريندي پاڻ مڃايو آهي ۽ انهن مختلف وقتن ۾ لاڙڪاڻو ڪرڪيٽ ڊيف ٽورنامينٽ ۾ ڪراچي،حيدرآباد، لاهور، سکر، فيصل آباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽن ۾ پنهنجي ڪرڪيٽ راند ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪيون آهن ۽ انهن جو انچارج ۽ لاڙڪاڻو ايسوسيئيشن آف دي ڊيف جي صدر پنهل خان  سانگي جيڪو هڪ ئي وقت پنهنجي اسپيشل ٻارڙن، نوجوانن ۾ نه صرف راندين جي حوالي سان اڳيان اڳيان رهي ٿو پر هو ان سان گڏوگڏ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ ٽورنامينٽن ۾ سڀني اسپيشل نوجوانن کي گڏ ڪري حصو وٺندو ۽ انهي دوران خاص ڪري لاڙڪاڻي جي نوجوانن جي سرگرمين ۾ ان جو لاڙو ڏسڻ وٽان هوندو آهي ڇاڪاڻ ته هو هڪ ئي وقت پنهنجي اسپيشل نوجوانن جو ڪرڪيٽ، فوٽبال، هاڪي، ٽيبل ٽينس، باسڪٽ بال، والي بال ۽ ٻين راندين ۾ انهن جي دلچسپي مطابق نوجوانن ۾ اتساهه پيدا ڪرڻ لاءِ هر وقت ڪوشان رهي ٿو ۽ ان جي بدولت اڄ لاڙڪاڻي جي اندر ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ اهي اسپيشل رانديگر نه صرف پنهنجي سنڌ جو پر پنهنجي ملڪ جو به نالو روشن ڪن ٿا ۽ اهي جڏهن ڪجهه وقت اڳ انڊيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪرڪيٽ جي ٽورنامينٽ ۾ ڪاميابي حاصل ڪيائون ته پوءِ اهي رانديگر پي سي بي جي توجهه جو سبب بڻيا ۽ اڄ به لاڙڪاڻي جي ميونسپل اسٽيڊيم ۽ نئين تعمير ٿيل لا ڪاليج ڀرسان انهن جو ڊيف مرڪز نوجوانن کي صحت، تعليم توڙي تربيت ۾ نمايان طور تي اڳتي رکندو پيو اچي ۽ انهن جو مرڪز هڪ ئي وقت سوين نوجوانن ۾ موجوده صدي جي مطابق پنڻ ۽ ٻئي کان خيرات وٺڻ بجاءِ پنهنجو پاڻ ۾ خود اعتمادي پيدا ڪندي پنهنجي ئي محنتن، ڪاوشن ذريعي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۽ ڪيترائي نوجوان پنهنجي مختلف هنري ڪمن ڪارن، ٽيلر ماسٽر ، سئي گئس ۽ سرڪاري کاتن ۾ ڪم ڪار بعد پنهنجي سرگرمين کي اڳتي وڌائيند ي شام جو هر صورت ۾ ڪرڪيٽ ۽ ٻين راندين ۾ حصو وٺن ٿا ۽ انهن  جي سج لٿي کانپوءِ جيڪا نوجوانن جي کليل ڪچهري ٿئي ٿي ۽ اهي پنهنجي ئي اشارن واري زبان ۾ دنيا جو حال احوال ڏيندي هڪٻئي کان معلومات ڏين ۽ وٺن ٿا. انهن جو اهو زندگي جو سفر بهتر آهي پر تعليم يافته ۽ هنر سان مالا مال نوجوان سرڪاري نوڪري جي لاءِ پڻ شديد پريشان نظر اچن ٿا ۽ ڪيترا سٺا ڪرڪيٽ جا رانديگر جنهن ۾ ڪپتان خليل الرحمان عباسي ۽ ٻيا سرڪاري نوڪري جي لاءِ مختلف ڊپارٽمينٽ ۾ انٽرويو ۽ ٽيسٽون ڏئي چڪا آهن پر انهن جي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ وارو ڪوئي ڪونهي ۽ انهن اسپيشل نوجوانن جي معذور ڪوٽا به اسان جا وس وارا ڪامورا ۽ وزير صاحب من پسند ماڻهن کي ڏئي انهن جي معذور ڪوٽا کي به هضم ڪيو وڃي ٿو انهي لاءِ اهي اسپيشل نوجوان جيڪي پنهنجي صلاحيتن باوجود گذريل ڪيتري عرصي کان نوڪري جون درخواستون ادارن جي ڪامورن ۽ وزير صاحبان وٽ کڻي کڻي ٿڪجي پيا آهن جيڪڏهن اهي پي سي بي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سطح تي کيڏندڙ قومي رانديگر ڪنهن ٻئي صوبي ۾ هجن ها ته شايد انهن کي ڪافي وقت اڳ سرڪاري نوڪري ترجيح بنيادن تي ملي وڃي ها پر هتي ٻڌڻ لاءِ ڪو تيار ڪونهي ۽ پنهنجي سماج ۾ جيڪڏهن انهن مخصوص اسپيشل نوجوانن جي ڪوٽا  کاڌي وڃي ٿي ته پوءِ سمجهو ته باقي ڇا بچيو. انهي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ معذور ڪوٽا مطابق معذورن کي پنهنجي ڪوٽا مطابق روزگار ڏنو وڃي ته جيئن اهي پنهنجي مائٽن، رشتيدارن سان گڏوگڏ صوبي ۽ ملڪ جي خدمت ڪري سگهن ۽ انهن بهترين ڪرڪيٽ جي رانديگرن جي صلاحيتن مان فائدو ورتو وڃي ۽ انهن جي محنتن کي ضايع ٿيڻ کان بچايو.

پهنجو تبصرو موڪليو