سنڌ اسمبلي ۾ اپوزيشن جو گوڙ، ميگا فون تي احتجاج ۽ نعرا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرز ٻيهر آمهون سامهون، صوبائي وزير مُڪيش ڪمار چاولا جي خطاب دوران مخالف ڌُر جي ميمبرز جو احتجاج ۽ گوڙ، اپوزيشن ميمبرز ايجنڊا جون ڪاپيز ڦاڙي اُڇلائي ڇڏيون، ميگا فون تي احتجاج ڪندي نعرا هنيا. ڊپٽي اسپيڪر، اپوزيشن ليڊر کي چيو ته توهان پنهنجو رويو ٺيڪ ڪريو، پنا ڦاڙي مون تي اُڇليندا ته ڳالهائڻ نه ڏينديس، پي ٽي آءِ ميمبرز طرفان ايوان ۾ ميگا فون کڻي اچڻ تي پ پ ميمبرز بھ گوڙ ڪيو. صوبائي وزير اويس قادر شاهه چيو ته پي ٽي آءِ وارا ميگا فون ايوان ۾ کڻي آيا آهن، اسيمبلي جو سيڪيورٽي اسٽاف ڇا پيو ڪري ، حليم عادل شيخ چيو ته اسان بهتر نموني ڪارروائي چاهيون ٿا، حڪومتي ڌُر غير جمهوري رويو رکيو آهي، اسان جي ڳالهه نه ٻڌي وئي ته احتجاج کانسواءِ ٻيو ڇا ٿا ڪري سگهون؟

پهنجو تبصرو موڪليو