سنڌيو اچو ته تعليم تي وڌيڪ ڌيان ڏيون!

ليکڪ ظهور ميمڻ

پاڪستان جي مختلف صوبن جي تعليمي نظام جي ڳالھ ٻولھ ڪجي ته سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، انهن کي اسڪول آڻڻ هڪ وڏو چئلينج آهي، ان لاء حڪومت جي پهرين ترجيح پرائمري اسڪولن ۾ داخلا جو انگ وڌائڻ سان گڏ تعيلم جي معيار لاءِ بهتر قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي. رڳو مقدار تي ڀاڙڻ ۽ وڏي انگ ۾ معيار کان بغير تعليم فراهم ڪرڻ به مستقبل لاءِ نوان مسئلا پيدا ڪرڻ آهي. سنڌ معياري تعليم ۾ به ٻين صوبن کان پٺتي پيل آهي شايد ان جي وجھ اھي استاد آهن جيڪي ٻارن کي نٿا پڙھائين. سنڌ حڪومت پاران تعليم جي بجيٽ جو وڏو حصو صرف پگهارن لاءِ مختص ڪيو ويندو آهي، جنهنڪري اسڪولن جو فرنيچر ۽ ٻيون سهولتن لاءِ بجيٽ نه بچندي آهي. سنڌ جي اڪثر اسڪول، اهي پرائمري جا هجن يا سيڪنڊري جا اتي صاف پيئڻ جو پاڻي، ۽ صفائي سٿرائي جو نظام ناهي، جنهنڪري به ڪيترائي ٻار اسڪولن ۾ پڙهائي ڪرڻ لاءِ نٿا اچن. 

آفريڪي لوڪ ادب ۾ هڪ چوڻي آهي ته جيڪڏهن توهان هڪ مرد يا نينگر کي پڙهايو ته ڄڻ توهان هڪ خاندان کي پڙهايو پر جيڪڏهن توهان هڪ نياڻي يا عورت کي تعليم ڏني ڄڻ توهان سڄي قوم کي پڙهايو. اسان جو سماج پدرشاهي قدرن سان ڀريو پيو آهي، تنهنڪري هتي هڪ عورت جي تعليم حاصل ڪري سماج جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي. خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڇوڪرين جي تعليم تمام گهڻو پٺيان پيل آهي، هن مقابلي ۽ تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ سنڌ ٻين خطن سان تيستائين مقابلو نٿي ڪري سگهي جيستائين سنڌ جون نياڻيون تعليم پرائي مرد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي پيدواري ذريعن ۾ شريڪ نٿي ٿئي، انڪري سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇوڪرين جي تعليم طرف خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ان حوالي سان سنڌ سرڪار کي ڪجهه خاص پروگرام ٺاهڻ گهرجن، جھڙوڪ آگاهي ڦهلائڻ، ۽ غريب نياڻين کي اسڪالرشپ فراهم ڪرڻ ته جيئن نياڻين کي تعليم طرف آڻڻ جو رجحان پيدا ٿئي، اگر عورتون معاشي سرگرمين ۾ شريڪ ٿينديون ته نه صرف سنڌ پر پاڪستان جي “جي ڊي پي” جي شرح ۾ پڻ اضافو ٿيندو. حڪومت، ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي جي لاءِ وقتاً بوقتاً پاليسيون جوڙيندي رهندي آهي يا ته وري پاليسيون ٻين ملڪن کان خريد ڪري، اسيمبلين ۾ نماءُ ڪري وري انهيءَ کي ختم ڪيو وڃي ٿو. انهن پاليسين تي لکين بلڪه ڪروڙين جي بجيٽ به رکي ويندي آهي. جڏهن تعليمي پاليسي تي عمل نٿو ٿئي، پوءِ اها بجيٽ ڪيڏانهن وڃي ٿي؟ تعليمي پاليسي جو بوڪ ليٽ ادارن تائين پهچي به ٿو يا نه، ان تي عمل ٿئي ٿو يا نه، اهو به هڪ سوال آهي. تعليم جي تباهي جو هيءَ به هڪ سبب آهي.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ اندر ملندڙ تعليم دنيا ته ٺهيو پر پنجاب ۽ خيبر پختونخوا، کان علاوه گلگت بلتستان جهڙو معيار به ناهي. پاڪستان ۾ 45 سيڪڙو ماڻهو اڻ پڙهيل آهن، انهن منجهان سڀ کان وڌيڪ اڻ پڙهيل جو انگ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ آهي. سنڌ اندر پرائمري تعليم جي معيار ۽ مقدار ۾ گهٽتائي سبب ماسٽر يا ايم فل ڪندڙ شاگردن جو انگ تمام گھٽ آهي. جديد دور ۾ ھڪ سئو ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ ڪيترن ئي علائقن ۾ هڪ استاد مقرر ٿيل آهي، ھلندڙ سال آء بي اي سکر ورسٽي جي وڙتل ٽيسٽ ۾ اڪثر اميدوار فيل ٿيا آهن جنهن جو سبب تعليم کان ڪناراڪشي آهي اڪثر اسان جا نوجوان توڙي ھو ڪالج جا شاگرد ھجن ياڀيونيورسٽي جا ھو تعليم کان تمام گھڻو پاسي تي آهن ۽ ھڪ آسان ٽيسٽ به پاس نٿا ڪري سگھن.

ترقي يافتا ملڪن ۾ انگريزي، رياضي،  فزڪس، ڪيمسٽري، ۽ بائيلاجي  مضمونن کي تمام گهڻي اهميت ڏني ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته ٻارن ۾ تخليقي توڙي فني صلاحيتن ۽ اعليٰ معياري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اھي مضمون ضروري سمجهيا ويندا آهن، مگر افسوس جھڙي ڳالھ آهي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ استادن جي سنڌ ۾ بيپناھ کوٽ آهي جنهن جي ڪري اڪثر شاگرد مشڪلاتن ۾ ڦاٿل آهن. تعليم جي نجڪاري ۽ نجي اسڪولن جي کولڻ جو رواج پڻ سنڌ اندر پرائمري تعليم جي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهي، ڇاڪاڻ ته نجي پرائمري اسڪولن جون فيسون ايتري قدر مهانگيون آهن جو سنڌ جي اڪثريت پنهنجي ٻارن کي انهن اسڪولن ۾ پڙهائڻ جي سگهه نٿي رکي. ڪجهه تجويزون جيڪي سنڌ اندر تعليم ۾ بهتري آڻڻ لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون، خاص ڪري پرائمري تعليم لاءِ اهي اهم آهن. سنڌ اندر مجموعي تعليم بهتر ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي ته تعليم نظام جي هيٺان کان سڌارا آندا وڃن. سڀ کان پهريان سنڌ اندر پڙهائيندڙ استادن جون پگهارون وڌايون وڃن ته سندن نه صرف اعتماد بحال ٿئي، ڇاڪاڻ ته سڄي دنيا سميت ملڪ جي ٻين صوبن کان سنڌ اندر تعليم کاتي جي ملازمن جون پگهارون گهٽ آهن جڏهن ته انهن جا پروموشن به رڪيل آهن انهيَ ۾ بھتري آڻڻ جي سخت کان سخت ضرورت آهي.

ويهين صدي جي خاتمي ۽ 21 هين صدي جي شروعات ۾ انٽرنيٽ، ٽيڪنالاجي ۽ ٻين سهولتن سبب دنيا ۾ هر ڏهاڪي اندر ايتريون تبديليون اچي رهيون آهن جيڪي اوائلي دور ۾ صديون لڳي وينديون هيون. ان سان گڏ تعليم ڏيڻ، سيکارڻ ۽ سکڻ جي طريقيقار به ارتقا ڪري چڪا آهن. اڄڪلهه تعليم ۽ ٻي سکيا ۾ ڪمپيوٽر ۽ پراجيڪٽر جو استعمال تمام گهڻو اهم ٿي ويو آهي، وشول لرننگ پڻ اهم ٿي سگهي، جنهن کي سنڌ جي پرائمري اسڪولن ۾ لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي. پڙهائڻ ۾ نوان ميٿڊ استعمال ڪرڻ سان گڏ استادن کي جديد طرز تي سکيا پڻ ڏني وڃي. سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ ميٿميٽڪس جديد تعليم جو لازمي حصو آهي، تيزي سان بدلجندڙ ۽ ترقي يافتا دنيا ۾ تعليم تمام بنيادي ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو