سنڌيار سٿ پاران اڳوڻي نمائندي جي وفات تي ڏک جو اظهار

ڪنڊيارو (ن سنڌيار)سينئر صحافي اسد جعفري جيڪو ڪاري ڪامڻ وگھي وفات ڪري ويو هو، سندس پونئرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي. يونين آف جرنلسٽ جو ميمبر ۽ صحافي اسد جعفري ڳچ عرصو بيمار رهڻ بعد گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو هو. جنھن جي جنازي نماز مرڪزي امام بارگاھ سيد باقر علي شاھ ۾ ادا ڪئي وئي هئي جنھن ۾ نوشھروفيرو يونين آف جرنلسٽ جي ضلعي صدر زاھد قائمخاني زاھد راڄپر مظھر خاصخيلي ۽ ڪنڊيارو جي صحافين محمد سومر گھانگھرو اي ڊي گھانگھرو ممتاز ملاح عبدالوحيد چنا گھايل وسيم ڪليري ناظم ڪشميري فياض سولنگي سميت سياسي سماجي شخصيتن ۽ شھرين شرڪت ڪئي هئي. جنازي نماز بعد مرحوم جي ميت کي مھيسر قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو هو. ياد رهي ته هن روزاني سنڌيار لاءِ به ڪجهه وقت ڪم ڪيو هو. سنڌيار سٿ پاران سندس وفات تي ڏک جو اظهار ڪندي سندس پونئرن سان دلي همدردي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو وڃي ٿو. ڌڻي در دعا آهي ته خدا کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو