سنڌو درياھ تي ڪو به ڊيم ۽ ڪئنال قبول ناھي:اياز

حيدرآباد(ن س ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ سنڌو درياھ تي ڪو به ڊيم ۽ ڪئنال قبول ناھي. ڌاڙيل واھ جلال پور ڪئنال کي رد ڪريون ٿا. پيپلز پارٽي اقتدار لاءِ سدائين قاتل منصوبن جوڙڻ ۾ سھولتڪار ٿي آھي. ھن وقت پاڻي جي وزارت پيپلز پارٽي وٽ آھي، ڌاڙيل واھ تونسا پنجند ڪئنال، چشمه جهلم لنڪ ڪئنال ذريعي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن. سنڌ پاڻي کوٽ جي ڪري سڪي رھي آھي. فصل سڙي رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ جيستائين سنڌ جي ماڻھن جي اڪثريت، اقتداري ڪرپٽ وزيرن، وڏيرن، سيٺين، ڏوھارين، ڀتي خورن، قبضا گيرن، پئسي، طاقت، دٻدٻي، وڏين گاڏين، وڏن بنگلن، ھٿياربند گارڊن، فاتحن، پوئن، لقبن، وڏن ڪاڄن ۽ ست رڇين مانين جي سحر ۽ لالچ مان نڪري، سنڌ جو حقيقي ڏاھپ وارو قومي موقف رکندڙ، عوامي جدوجھدون ڪندڙ ۽ بنا ٺٺ، بنا اسپانسرشپ ۽ بنا داٻي جي، سادگي سان مسلسل متحرڪ رھندڙ اڳواڻن ۽ پارٽين سان، نروار ٿي جُڙي نه بيھندي، ڌُر نه بڻبي ۽ صرف گھر ويٺي خبرون ڪندي رھندي، تيسين سنڌ جا اڪثر مسئلا ڪنھن جادوءَ جي لٺ سان فورن حل نه ٿي سگھندا. اياز لطيف پليجي چيو ته اٽي، لٽي ۽ اجھي جو ڪوڙو نعرو ھڻي سنڌ ۽ پاڪستان جي عوام سان غداري ڪئي وئي آھي. پيپلز پارٽي جا وزير ارب پتي ٿي ويا آھن سنڌ جو عوام 2 وقت ماني لاء پريشان آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو