Daily Sindhyar Daily Sindhyar Karachi |
سنجي ۽ دپيڪا شاهه رخ جي نئين فلم جو حصو بڻجندا https://www.dailysindhyar.com/%d8%b3%d9%86%d8%ac%d9%8a-%db%bd-%d8%af%d9%be%d9%8a%da%aa%d8%a7-%d8%b4%d8%a7%d9%87%d9%87-%d8%b1%d8%ae-%d8%ac%d9%8a-%d9%86%d8%a6%d9%8a%d9%86-%d9%81%d9%84%d9%85-%d8%ac%d9%88-%d8%ad%d8%b5%d9%88-%d8%a8/ |
ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان، سنجي دت ۽ دپيڪا پڊوڪون جلد هڪ ئي فلم ۾ نظر ايندا.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب دپيڪا ۽ سنجي دت شاهه رخ خان جي فلم ”جوان“ ۾ مختصر ڪردار ادا ڪندا، دپيڪا فلم جي ٽيم سان گڏ 27 ۽ 28 مارچ تي شوٽنگ ڪندي.ان جي برعڪس سنجي دت جو ڪردار وڏو ۽ اهم هوندو، هو شاهه رخ سان گڏ 4 کان 5 ڏينهن تائين شوٽنگ ڪندو.دلچسپ ڳالهه اها آهي ته شاهه رخ خان ۽ سنجي دت ڪڏهن به گڏ ڪا مڪمل فلم ناهي ڪئي.جڏهن ته ٻئي فلم ”را ون“ ۽ ”اوم شانتي اوم“ ۾ گڏ اسڪرين تي نظر آيا پر تمام گهٽ وقت لاءِ چيو پيو وڃي ته فلم جي شوٽنگ 10 اپريل تائين مڪمل ڪئي ويندي.فلم اڳ ۾ 2 جون تي رليز ٿيڻ واري هئي پر هاڻي شاهه رخ خان جي فلم جوان سيپٽمبر يا ڊسمبر ۾ رليز ٿيندي.