سردار ڊنل آهن، ڪڏهن پاڻ ته ڪڏهن وڪيل نٿو اچي، اُم رباب

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ قاضي نديم بدر جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ڏاڏي, والد ۽ چاچي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. برھان چانڊيو جي وڪيل جي نه اچڻ ڪري عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 5 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. الزام ھيٺ آيل پ پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو ۽ ايم پي اي برھان خان چانڊيو بہ عدالت ۾ پيش ٿيا.عدالت  ۾ اڄ برھان خان چانڊيو جي ضمانت واري درخواست تي ام رباب چانڊيو جي وڪيل صلاح الدين پنھور حتمي دليل ڏيڻا ھا برھان چانڊيو جي وڪيل جي نه اچڻ ڪري فائينل آرگيومينٽ ن ٿي سگھيا جنھن ڪري عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 5 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي عدالت جي ٻاھران صحافين سان ڳالھائيندي ام ارباب چيو ت سرادر عدلت کان ڊنل آهن ھو ڪڏھن پاڻ عدالت ۾ حاضر نٿا ٿين ڪڏھن سندن وڪيل عدالت نٿو اچي منھنجي گھر جا 3 ڀاتي قتل ٿيل آهن اسان کي عدالتن مان انصاف جي اميد آهي عدالت ھنن کي سخت ھدايتون ڏنيو آهن ته مٿئين حاضري تي وڪيل نه آيو ت پاڻ مرادو ڪيس ھلايو ويندو عدالت ٻاھران سردار چانڊيو صحافين سان ڳالھندي چيو ته برھان چانڊيو جي ضمانت واري درخواست تي اسان جي وڪيلن دليل مڪمل ڪيا ھا فريادي ڌر جي وڪيل کي دليل ڏيڻا ھا. جيڪي ھنن نه ڏنا اسان جو جونيئر وڪيل موجود ھو مخالف ڌر سستي شھرت ماڻڻ لاء الزام ھڻي رھي آهي اسان جو ھاءِ ڪورٽ مان اسٽي ورتل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو