سرداري نظام ناسور آهي، شهيد ناظم سنڌ جي شعور کي جاڳايو آهي، قريشي

گهارو(ن سنڌيار) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي وفد سان گڏ ڊهيد ناظم جوکيو جي ڀاءُ ۽ مائٽن سان عذر خواهي ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صنعان قريشي چيو ته سنڌي ماڻھن کي هاڻي سجاڳي ڪرڻي پوندي، شهيد ناظم جوکيو جا قاتل  قانون جي پڪڙ کان بچي نه سگهندا. هن چيو ته سنڌ کي شڪارگاھ نه بڻايو، پکين ۽ جانورن جي شڪار تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وڃي، سنڌ اندر سرداري نظام سنڌ لاء ناسور آھي وڏيرا شاهي مظلوم ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڏنو آھي. هن سان گڏ مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام ڪلچر سيڪريٽري ڏاڏو اطھر سومرو به گڏ هئا. صنعان خان چيو ته چونڊيل نمائندن کي انهي ڪري سنڌي ماڻھو چونڊي اسيمبلي تائين  ناهن پهچائيندا ته اهي معصوم ڌرتي ڌڻين جي معصوم ٻارن جو قتل عام ڪن. هن چيو ته شهيد ناظم جوکيو جو قتل سڄي سنڌ جي شعور کي جڳائي ڇڏيو آھي. هاڻي سنڌ جو ماڻھو ڪنهن به صورت ۾ سرداري نظام قبول نه ڪندو. انهي موقعي تي بابو خشڪ ،نظام جوکيو ۽ ٻيا موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو