سخت ڪوهيڙي سبب مقامي ۽ عالمي اڏامن جو شيڊول درهم برهم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي راڄڌاني ۾ ايئرپورٽ ۽ ان جي اردگرد سخت ڪوهيڙي سبب ڪيتريون ئي اڏامون دير جو شڪار ٿي ويون. سول ايوي ايشن جي فلائيٽ انڪوائري موجب ڪراچي کان اسلام آباد جون اڏامون ڪوهيڙي سبب صبح 7 وڳي دير جو شڪار ٿيون جڏهن ته لاهور لاءِ اڏامون به دير جو شڪار ٿيون. ان کان علاوه ڪراچي کان پشاور لاءِ فلائيٽ 1 وڳي لاءِ ري شيڊول ڪئي وئي آهي. فلائيٽ انڪوائري موجب ڪراچي کان دبئي ويندڙ اڏام به 2 ڪلاڪ دير جو شڪار ٿي جڏهن ته ڪراچي کان استنبول ويندڙ پرڏيهي ايئر لائن جي اڏام به دير سان رواني ٿي. سول ايوي ايشن اختيارين موجب ڪوهيڙو ختم ٿيڻ سان ئي اڏامون مڪمل طور تي بحال ڪيون وينديون ۽ دير سان ٿيندڙ اڏامون ٻيهر شيڊيول ڪيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو