سام سنگ خاموشيءَ سان 2 نوان سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سام سمنگ خاموشيءَ سان پنهنجا 2 نوان سمارٽ فون گليڪسي اي 51 ۽ گليڪسي اي 71 متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن جيڪي اي 50 ۽ اي 70 جي جڳهه وٺندا. ڊيزائن جي لحاظ کان ٻه فون اي 50 ۽ اي 70 کان گهڻو مختلف ناهن پر ڪمپني گهڻي توجهه ان جي ڪيمرا کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي ڏني آهي. حقيقت ۾ پهريون ڀيرو سام سنگ گليڪسي اي سيريز ۾ ميڪرو ڪيمرا متعارف ڪرايو آهي حالانڪه کوڙ سارين ڪمپنين مڊ رينج فونن ۾ ميڪرو ڪيمرا پيش ڪري چڪي آهي. گليڪسي اي 51 ۾ 6.5 انچ جو انفٽني او سپر اموليڊ ايف ايڇ ڊي پلس ڊسپلي ڏنو ويو آهي جڏهن ته ڪمپني جو پنهنجو ايڪسينوس 9611 پراسيسر، 4 کان 6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج ڏنو ويندو. ڊبل سم سپورٽ سان گڏ فنگر پرنٽ سنس کي اسڪرين جي اندر ڏنو ويو آهي جڏهن ته هيڊ فون جيڪ کي برقرار رکيو ويو آهي.

موبائل جي فرنٽ تي 32 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ڏنو ويو آهي جڏهن ته بيڪ تي 4 ڪيمرائن جو سيٽ ايپ آهي جنهن ۾ هڪ 48 ميگا پڪسل، ٻيو 5 ميگا پڪسل ڊيپٿ سنسر، ٽيون 5 ميگا پڪسل ميڪرو ڪيمرا ۽ چوٿون 12 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ڪيمرا آهي. ان فون ۾ 4000 ايم اي ايڇ بيٽري سان گڏ 15 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ ڏني وئي آهي ۽ اينڊرائيڊ 10 آپريٽنگ سسٽم به موجود آهي. اهو فون سڀ کان پهرين ايندڙ هفتي ويٽنام ۾ کپائڻ لاءِ پيش ڪيو ويندو جنهن جي قيمت 350 ڊالر يعني 54 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ آهي. اهو موبائل ڏسڻ ۾ اي 51 سان ملي ٿو پر ٻنهي فونن ۾ گهڻو ڪجهه فرق آهي. جهڙي طرح اي 71 ۾ وڌيڪ بهتر اسنيپ ڊراگون 730 ايس او سي پراسيسر ڏنو ويو آهي جڏهن ته ان جو ڊسپلي ڪجهه وڏو 6.7 انچ جو آهي. ٻئي فون ۾ بيٽري به 4500 ايم اي ايڇ جهڙي آهي جنهن سان 25 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ به ڏني وئي آهي ان جي فرنٽ تي 32 ميگا پڪسل ڪيمرا آهي پر بيڪ تي 4 ڪيمرا سيٽ ڏنو ويوآهي جنهن ۾ مين ڪيمرا 64 ميگا پڪسل جو آهي باقي 3 ڪيمرائون اي 51 جهڙيون آهن. اهو موبائل به 4 رنگن ۾ دستياب هوندو پر ڪمپني في الحال قيمت ۽ دستيابي جي باري ۾ ڪو به اعلان ناهي ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو