زين ملڪ ساڍا 9 ارب جي پلي بارگين عيوض 6 ڪيسن مان آزاد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)احتساب عدالت جي جج بشير احمد پراپرٽي ٽائيڪون ملڪ رياض جي ناٺي زين ملڪ جي جعلي اڪائونٽ ڪيس سميت 6 مختلف ڪيسن ۾ ساڍا 9 ارب روپيا ڏيڻ بابت پلي بارگين منظوري ڪندي کيس بري ڪري ڇڏيو آهي. نيب پاران سندس ادائگي جو شيڊول عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو. جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته هو 3 سالن ۾ اها ادائگي ڪندو ۽ هر ٽئين مهيني قسط ادا ڪندو. هڪ ڪيس ۾ 4 ارب روپيا، ٻئي ڪيس ۾ 17 ڪروڙ ۽ ٽئين ڪيس ۾ 3 ڪروڙ 70 لک ادا ڪندو. نيب راولپنڊي ۾ هو  6 ملڪيتون گروي رکندو. زين ملڪ لنڊن مان ويڊيو لنڪ تي عدالتي ڪاروائي ۾ شريڪ ٿيو. جج کائنس پڇيو ته پلي بارگين جي اثرن جي خبر اٿو ته ملزم ها ڪئي. هن تي جعلي اڪائونٽس، پنڪ ريزيڊنسي، ميگا مني لانڊرنگ جا ڪيس هئا. باقي 3 ڪيس مختلف شهرن جي احتساب عدالتن ۾ هلندڙ آهن جن مان آئيڪون ٽاور ڪيس ڪراچي ۾ آهي. جتي پلي بارگين لاءِ ڌار ڪاروائي ٿيندي. ياد رهي ته احتساب عدالت جي جج اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ويڊيو لنڪ ذريعي پيشي جي درخواست رد ڪندي بيمار هوندي به خود پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو پر هن ڪيس ۾ ملزم کي اها سهولت ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو