زمين جي مالڪي تان بروهي ۽ راڄپرن ۾ جهيڙو، 10 ڄڻا زخمي

نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ)ڀرياروڊ ڀرسان ڳوٺ چانھن منو مل ۾ بروھي ۽ راڄپر برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جھيڙو ٿي پيو جھيڙي ۾  لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا 10 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا زخمين ۾ جلال راڄپر صاحب راڄپر مقيم راڄپر شان علي راڄپر گل حسن بروھي رشيد بروھي حسين بروھي اسماعيل بروھي۽ صديق بروھي شامل آھن  زخمين کي ڀرياسٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو ان سلسلي ۾ زخمي جلال راڄپر ٻڌايو تـ اسان جي زرعي زمين تي موجود ھئاسين ته بروھي برادري جي ماڻھن ھلان ڪري قبضي جي ڪوشش ڪئي آھي جتي ھنن لٺين ڪھاڙين سان حملو ڪري اسان جا 4 ماڻھون  زخمي ڪيا آھن ۽  اسان جا ٻـ نوجوان رحمان ۽ دانش راڄپر کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي ٻئي پاسي بروھي برادري جي زخمي ٻڌايو ته اسان جو راجپر برادري سان زرعي زمين جي معاملي تان تڪرار ھلندڙ آھي جنھن جو فيصلو پڻ رکيل ھو پر اڄ راجپر برادري جي ماڻھون زرعي زمين تي زبردستي ٽريڪٽر  سان ھر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن سبب جھيڙو ٿيو اھي ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او راڻا جميشد ٻڌايو ته ٻنھي ڌرين جي اين سي داخل ڪري زخمين کي علاج لاء ميڊيڪل ليٽر جاري ڪيو ويو آھي جڏھن ته وڌيڪ جانچ ڪري رھيا آھيون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو