ريڊمي جو نئون مڊرينج ”5جي“ فون وڪري لاءِ پيش

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شيائومي جي ماتحت رانڊ ريڊمي پنهنجو هڪ نئون مڊ رينج سمارٽ فون نوٽ 11 ٽي 5 جي متعارف ڪرايو آهي. اهو فون گذريل سال جي ريڊمي نوٽ 10 ٽي 5 جي، جي جاءِ وٺندو ۽ ڪافي حد تائين نوٽ 11 سان ملندڙ جلندڙ آهي. ان نئين فون ۾ 6.6 انچن جي آءِ پي ايس ايل سي ڊي سپلي 90 هرٽز جي ريفريش ريٽ سان گڏ ڏني وئي آهي. فون جي اسڪرين ۾ 16 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا پنچ هول ڊزائين ۾ لڪيل آهي. فون جي اندر ميڊيا ٽيڪ جو ڊيمينسٽي 510 پراسيسر موجود آهي جڏهن ته 6 کان 8 جي بي ريم ۽ 64 کان 128 جي بي اسٽوريج جا آپشنز دستياب هوندا. ڪمپني موجب ورچوئل ريم فيچر ذريعي واڌو 3 جي بي ريم سپورٽ ڊوائيس کي فراهم ڪئي ويندي. ريڊمي نوٽ 11 ٽي ۾ 5000 ايم اي ايڇ بيٽري موجود آهي جڏهن يو ايس بي سي ذريعي 33 واٽ چارجنگ سپورٽ ڏني وئي آهي. هيڊ فون جيڪ، اسٽيريو اسپيڪرز ۽ سائيڊ ۾ فنگر پرنٽ اسڪينر ۽ ٻيا فيچرز نمايان آهن. ريڊمي نوٽ 11 ٽي ۾ ڊوئل ڪيمرا سيٽ اپ موجود آهي. ان سيٽ اپ جي مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 8 ميگا پڪسل الٽراوائيڊ ڪيمرا ڏني وئي آهي. ان فون کي سڀ کان اڳ ڀارت ۾ 7 ڊسمبر کان وڪري لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي جنهن جي 6 جي بي ريم ۽ 64 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل (39 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ دستياب هوندو. 6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج وارو ورجن 240 ڊالرز (42 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) جڏهن ته 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج وارو فون 266 ڊالرز (46 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ وڪرو ڪيو ويندو. ڪمپني طرفان ٻين ملڪن ۾ ان نئين فون جي دستيابي بابت اڃا ڪو به اعلان ناهي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو