ريٽ لسٽ جي چيڪنگ، ڀاڻ ڊيلر جو دوڪان سيل

اوٻاوڙو(رپورٽ غلام علي رند)ڊپٽي ڪمشنر عثمان عبدالله جي هدايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر آصف علي جوڻيجو اوٻاوڙو شھر اندر ڪاروائي ڪندي ڊي اي پي ڀاڻ ۽ يوريا ڀاڻ جو زياده ريٽ وصول ڪرڻ تي ڪريڪ ڊائون ڪندي  ڀاڻ ڊيلر تاج محمد جي دوڪان کي سيل ڪري ڇڏي آھي. هن تمام دوڪاندارن کي هدايت ڪندي چيو ته ڪنهن به ڀاڻ ڊيلر ڀاڻ جون ٻورين جي مقرر اگھ کان وڌيڪ وصول ڪيو مٿس ڏنڊ وڌو ويندو. هن ڪريانه دوڪاندار  سبزي ۽ فروٽ جي دوڪانن جو به جائزو ورتو ۽ دوڪاندارن کي سختي سان هدايت ڪندي چيو ته هو پنهنجو قبلو درست ڪن جنهن به زياده ريٽ ورتو ته ان خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو