ريس دوران موٽرسائيڪلون ٽڪرائجڻ سبب هڪ فوت 4 زخمي

نوشهروفيروز (ڊ ر) باءِ پاس تي موٽرسائيڪل سوار نوجوان ڇوڪرا پاڻ ۾ ريس ڀڄائي رهيا هئا ته ٻه موٽرسائيڪلون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون جنهن جي نتيجي ۾ 5 نوجوان شديد زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال نوشهروفيروز آندو ويو. اسپتال ۾ ڪا به سهولت نه هجڻ ڪري نوجوان تڙپندا رهيا ۽ سندن وارث پريشان رهيا. زخمن جا سور نه سهندي هڪ نوجوان نعيم وسڻ فوت ٿي ويو جڏهن ته 3 ٻيا موٽرسائيڪل سوار ۽ هڪ واٽهڙو علي نواز وسطڙو، احمد وسڻ، ڪامران شاهه ۽ حمير چنا زخمي حالت ۾ دانهون ڪندا رهيا. جن مان هڪ شديد زخمي حمير چنا کي پي ايم سي نوابشاهه ريفر ڪيو ويو. ان موقعي تي جميل احمد وسطڙي ٻڌايو ته زخمين کي کڻي آياسين ته ڪوبه ڊاڪٽر موجود نه هو جڏهن ته هڪ زخمي جي حالت خراب هئي پر ان کي بغير طبي امداد ڏيڻ جي نوابشاهه موڪليو ويو آهي. باقي زخمين جي مرهم پٽي به ڊسپينسرن ڪئي آهي پر ڊاڪٽر نه آيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو