روپئي جي بيقدري جاري، ڊالر وڌيڪ مهانگو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي قدر ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ به انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 91 پئسا مهانگو ٿيو. انٽر بئنڪ مٽاسٽا مارڪيٽ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي ڏٺي وئي پر ڪاروبار جي بندش کان اڳ ڊالر 91 پئسا واڌ کانپوءِ 174 رپين 67 پئسن تي بند ٿيو.اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 20 پئسا مهانگو ٿي 176 رپين جو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو