رونالڊو جو ننڍڙي آئرش مداح لاءِ تحفو، ٻارڙو خوشي مان روئي ويٺو

پرتگال(ويب ڊيسڪ)اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو پنهنجي مداحن جون دليون نه ٽوڙڻ لاءِ مشهور آهي ۽ هن ڀيري به هن ائين ئي ڪيو. آئرلينڊ خلاف ورلڊ ڪپ ڪواليفائنگ رائونڊ جي ميچ ڊرا ٿيڻ باوجود اسٽار فٽبالر ننڍڙي آئرش مداح کي مايوس نه ڪيو، جيڪو گرائونڊ تي ساڻس ملڻ آيو. رونالڊو نه رڳو ننڍڙي ڇوڪري کي ڀاڪر وڌو پر کيس پنهنجي قميص به تحفي ۾ ڏني، ان موقعي تي اسٽار فٽبالر جي ننڍڙي مداح جي اکين مان خوشي جا ڳوڙها واضح نظر اچي رهيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو