روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ 2 ارب 72 ڪروڙ جمع ٿي ويا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سيپٽمبر 2020 ۾ ان جي شروعات کان وٺي، روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ذريعي هن مهل تائي 2 ارب 72 ڪروڙ ڊالر جمع ٿي چڪا آهن. گذاريل سال سيپٽمبر ۾ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ قائم ڪيو ويو هو. جيڪو سڄي دنيا ۾ ڪوڊ 19 جي سستي جي باوجود اوورسيز پاڪستانين جي اعتماد جو مظهر آهي. ان عرصي دوران مجموعي حجم جو 68 سيڪڙو يعني 1.834 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي وئي، جنهن ۾ وڌيڪ منافعن سان نيو پاڪستان سرٽيفڪيٽس  ۾ سيڙپڪاري به ڪئي وئي آهي. نيو پاڪستان سرٽيفڪيشس ڊالر جي لحاظ کان 3، 6 ۽ 12 مهينن لاءِ 5.5 سيڪڙو، 6 سيڪڙو ۽ 6.5 سيڪڙو جي شرح سان ريٽرن پيش ڪري ٿو، جڏهن ته 3 ۽ 5 سالن جي سرٽيفڪيٽن جي شرح 6.7 سيڪڙو ۽ 7 سيڪڙو آهي. روپي جي صورت ۾، واپسي جي شرح تمام گهڻي آهي ۽ جيڪا مختلف دورن لاءِ 9.5 کان 11سيڪڙو  تائين آهي. ايسٽيٽ بئنڪ جا انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته سيپٽمبر 2020 کان هن وقت تائين سيڙپڪاري 2.67 بلين ارب تائين پهچي چڪي آهي، جنهن جي سراسري ماهوار  آمدني 19 ڪروڙ 10 لک ڊالر آهي. مرڪزي بئنڪ جو چوڻ آهي ته ريسپانس ٺيڪ آهي پر نجي بئنڪارن جو چوڻ آهي ته ريسپانس توقع جي مطابق نه آهي. 

پهنجو تبصرو موڪليو