روس جي ٽياڪڙي ۾آذر بائيجان ۽ آرمينيا ۾ جنگ بندي تي اتفاق

باڪو(ويب ڊيسڪ)خونريز جھڙپن بعد آرمينيا ۽ آذربائيجان وچ ۾جنگ بندي تي اتفاق ٿي ويو آهي. گادي واري شهر يريوان مان آرمينيا جي وزارت دفاع جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته روس جي ثالثي ۾ جنگ بندي تي اتفاق ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي آرمينيا جي سرحد تي صورتحال بهتر آهي. خيال رهي ته آذربائيجان ۽ آرمينيا جي فوج جي وچ ۾ جھڙپن ۾15 آرمينيا جا فوجي مارجي ويا هئا. ياد رهي ته آرمينيا ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ هڪ سال اڳ به فوجي جھڙيون ٿيون هيون ۽ ان وقت به روس ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثالثي ڪرائي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو