اسلام آباد ۽ زلمي جو ميچ رد، ملتان جي لڳاتار ٽئين فتح

ملتان (ويب ڊيسڪ) برسات سبب پشاورزلمي ۽ اسلام آباد جي ميچ رد ڪندي ٻنهي ٽيمن هڪ هڪ پوائنٽ ڏنو ويو ۽ رلي روسو جي بهترين بيٽنگ سبب ملتان سلطانز ڪوئٽه گليڊيئيٽرز کي 30 رنسن تان شڪست ڏئي لڳاتار ٽئين فتح حاصل ڪري ورتي. پاڪستان سپر ليگ جي پنجين ايڊيشن جي 12 هين ميچ ۾ ملتان پهريون کيڏندي ڪوئٽه کي کٽڻ لاءِ 200 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو . ڪوئٽه جي ٽيم 7 وڪيٽن تي 169 رنسون ٺاهيون. ملتان ڪرڪٽ  اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ملتان سلطانز جي طرفان اننگز ذيشان اشرف ۽ جيمزونس شروع ڪئي. 23 جي مجموعي اسڪور تي ذيشان 8 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. جيمزونس به 29 رنسون ٺاهي محمد نواز جي بال تي اعظم خان جي هٿئون ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. جڏهن ته پوئين ميچ ۾ بهترين اسڪور ٺاهڻ وارو معين علي به زياده دير تائين نه رهيو ۽ 6 رنسون ٺاهي بولڊ ٿي ويو.ٽي وڪيٽون جلدي ڪرڻ کان بعد شان مسعود ۽ رلي روسو وڪيٽ جي چئني طرفن کان شاندار اسٽروڪس کيڏيا ۽ ٽيم جو اسڪور تيزي سان اڳتي  وڌايو.

شان مسعود 32 بالن تي 6 چوڪن جي مدد سان 46 اسڪور ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. رلي روسو 6 ڇڪن ۽ 10 چوڪن جي مدد سان 44 بالن تي اسڪور وڌائندي 100سينچري ڪري ناٽ آئوٽ رهيو. ملتان سلطانز مقرره 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 199 اسڪور ٺاهيو.ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي طرفان نسيم خان ۽ سهيل شاه 45،45 رنسون ڏنيون جڏهن ته بين ڪٽنگ 42 رنسون کائي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.ڪوئٽه جي اننگز 200 رنس جي پهاڙ جيڏي ٽارگيٽ لاءِ ڪوئٽه جي طرفان جيسن راءِ ۽ شين واٽس سٺي شروعات ڪئي.57 جي مجموعي اسڪور تي جيسن راءِ 30 رنسون ٺاهي بلاول ڀٽي جو شڪار ٿي ويو.ڪوئٽه جي ٻي وڪيٽ 98 اسڪور جي مجموعي تي ڪري. جڏهن ته احسن علي 14 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو.ان کانپوءِ اعظم خان 6 ۽ بين ڪٽنگ 12 اسڪور ٺاهي پويلين موٽي ويو.ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي آخري اميد شين واٽس 41 بالن تي 7 ڇڪن ۽ 7 چوڪن جي مدد سان 80 اسڪور ٺاهي ورتو.

ڪپتان سرفراز احمد خان 9 نمبر تي بيٽنگ ڪئي.تهڙي مهل تائين ميچ ڪوئٽه جي هٿئون نڪري چڪي هئي. هو 4 بال تي 3 رنس تي ناٽ آئوٽ رهيو. مقرره اوورز ۾ ڪوئٽه 7 وڪٽن تي 169 رنسن تائين محدود رهي ۽ 30 رنسن جي شڪست انهن جو مقدر بڻي. ملتان جي طرف کان بلاول ڀٽي 3 وڪيٽون ورتيون.

عمران طاهر ٻه ۽ خوشدل هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي . ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي ڪپتان سرفراز احمد خان ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو هو. جڏهن ته احمد شهزاد جي جڳهه تي احسن علي ۽ ٽائمل ملز جي جڳهه تي انور علي کي شامل ڪيو ويو هو.    پي ايس ايل جو تيرهين ميچ پشاور زلمي ۽ اسلام آباد يونائٽڊ ۾ ٿيڻو هو جيڪو بارش سبب رد ٿي وئي ۽ هڪ بال به نه هليو. ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو