رضوان آءِ سي يو ۾ ڇو هو؟ ڀارتي ڪرڪٽر پاران ساراهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي ڊاڪٽر نجيب سومرو جو چوڻ هو ته رضوان جي بيماري جو اطلاع نه ڏنو ويو ته جيئن ٽيم جو مورال ڪرڻ کان بچايو وڃي. سيمي فائنل کانپوءِ ڪپتان بابر اعظم سان گڏ ورچوئل پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر نجيب ٻڌايو ته محمد رضوان کي 9 نومبر تي چيسٽ ۾ شديد انفيڪشن ٿيو، جنهن بعد کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڊاڪٽر نجيب موجب محمد رضوان ٻه راتيون آءِ سي يو ۾ گذاريون ۽ ان ۾ زبردست صحتياب ٿيو، جنهن کانپوءِ کيس ميچ کان اڳ فٽ قرار ڏنو ويو. هن چيو ته رضوان جو بهترين عزم ڏسي سگهون ٿا، هن ملڪ لاءِ شاندار پرفارم ڪيو، ڏسي سگهون ٿا ته هن ڪيئن پرفارم ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته رضوان جي صحت کي ظاهر نه ڪرڻ جو فيصلو پوري ٽيم مئنيجمينٽ ڪيو آهي ۽ اهو ٽيم جي مورال لاءِ ڪيو ويو آهي.

Screen Shot

ٻئي پاسي اڳوڻو ڀارتي بيٽسمين وي وي ايس لڪشمن محمد رضوان جي ساراهه ڪرڻ کانسواءِ نه رهي سگهيو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر وي وي ايس لڪشمن چيو ته محمد رضوان جرئت، عزم ۽ طاقت جو عظيم مثال آهي. هن چيو ته پاڪستان نه کٽيو آهي پر اها ڳالهه متاثر ڪندڙ آهي ته رضوان آءِ سي يو مان آيو ۽ وڙهڻ جو جذبو ڏيکاريو.

پهنجو تبصرو موڪليو