رت جي مرضن جو ماهر ڊاڪٽر طاهر شمسي فوت ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان جو مشهور رت جي مرضن جو ماهر ڊاڪٽر طاهر شمسي لاڏاڻو ڪري ويو. طاهر شمسي جي فوت ٿيڻ جي تصديق سندس گهروارن به ڪئي آهي. وارثن موجب ڊاڪٽر طاهر شمسي کي برين هيمرج سبب ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي هو گذريل خميس کان انتهائي نگهداشت واري يونٽ ۾ علاج هيٺ هو. واضح رهي ته ڊاڪٽر طاهر شمسي 1996ع ۾ پاڪستان ۾ بون ميرو ٽرانسپلانٽ متعارف ڪرايو هو ۽ هن بون ميرو ٽرانسپلانٽ جا 650 آپريشن ڪيا ۽ 100 کان وڌيڪ تحقيقي مضمون پڻ لکيا.  ڪورونا جي پهرين لهر دوران، ڊاڪٽر طاهر شمسي پهريون شخص هو جنهن کي COVID 19 جي مريضن جو پلازما سان علاج ڪرڻ جو خيال آيو جيڪي وائرس مان صحتياب ٿيا. 2011ع ۾ ڊاڪٽر طاهر شمسي رت سان لاڳاپيل بيمارين جي علاج لاءِ نيشنل انسٽيٽيوٽ فار بلڊ ڊيزيز قائم ڪيو. ڊاڪٽر طاهر NIBD ۾ اسٽيم سيل پروگرام جو ڊائريڪٽر پڻ هو ۽ رائل ڪاليج جو پيٿولوجسٽ فيلو پڻ هو. ڊائو گريڊيٽس ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا ڊاڪٽر طاهر شمسي کي سندس خدمتن جي اعتراف ۾ 2016ع ۾ لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو