رانا شميم نواز شريف سامهون بيان حلفي نوٽرائيز ڪرايو، فواد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس رانا شميم نواز شريف جي آفيس ۾ بيان قلمبند ڪرايو. فواد چوڌري مائيڪرو بلاگنگ سائيٽ تي اخبار جي ڪلپنگ شيئر ڪئي ۽ ڪيپشن پڻ لکيو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير لکيو ته راڻا شميم نواز شريف جي آفيس ۾ سندس سامهون حلف نامي کي نوٽيس جاري ڪيو، نون انڪشافن هڪ ڀيرو ٻيهر شريف خاندان کي سسيلين مافيا ثابت ڪري ڇڏيو. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته ان مان ثابت ٿئي ٿو ته هي مافيائون ڪيئن عدالتن ۽ ادارن کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو