ديا مير ڀاشا ڊيم ۾ غرق ٿيندڙ ھزارين سال پراڻو ثقافتي ورثو

پاڪستان ۾ ديامير ڀاشا ڊيم پنهنجي تعمير پوري ٿيڻ تي ملڪ اندر پاڻي ذخيرو ڪرڻ جو اڄ تائين جو سڀ کان وڏي منصوبو ھوندو جنهن منجهان لڳ ڀگ 4800 ميگا واٽ بجلي حاصل ڪرڻ جي توقع ڪئي پئي وڃي. ان ڊيم جي تعمير سان نه رڳو پاڪستان ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو بلڪه تربيلا ڊيم جي زندگيءَ ۾ پڻ اضافو ٿيندو. تنهن باوجود ست ھزار سال قبل مسيح کان وٺي 16 صدي عيسوي تائين جي مختلف دورن سان تعلق رکندڙ 5 ھزار اھم ترين تاريخي پھاڙي خاڪا ان ڊيم ٺهڻ سان پاڻي ھيٺ اچي ويندا.

WILFRID LAURIER UNIVERSITY

ڪيترائي سال پاڪستان جي اترين علائقن اندر پراڻي دورن جي حوالي سان تحقيق ڪندڙ محقق ڊاڪٽر جيسن نيلس جو چوڻ آهي ته جڏهن کان قراقرم ۽ ھماليا پھاڙن ڏانهن ويندڙ رستو قراقرم ٺھيل آهي، ان وقت کان اڄ تائين پاڪستاني ۽ يورپي ماھرن پاران 30 ھزار کان 50 ھزار پھاڙي خاڪا ۽ 5 ھزارن جي لڳ ڀڳ مختلف قسمن جا لکيل ڪتبا دريافت ڪيا ويا آهن. ڊاڪٽر جيسن ڪيناڊا جي ولفرڊ لاريئر يونيورسٽي جي شعبي ۾ مذهب ۽ ثقافت جو سربراهه آهي. سندس چوڻ آهي ته ھي پھاڙي خاڪا ۽ پٿرن تي چٽيل تحريرن تي مشتمل قديمي دور جي آثار جا خزانا درياءَ سنڌ جي آس پاس گلگت بلتستان ۽ صوبي خيبر پختونخوا ۾ موجود آهن.

WILFRID LAURIER UNIVERSITY

ويھين صدي ۾ تعمير ٿيل قراقرم روڊ پاڪستان کي چين جي علائقي سنڪيانگ سان ملائي ٿو جنهن جي ذريعي پاڪستان جو زميني رابطو وچ ايشيا سان ٿي سگهي ٿو. پروفيسر ڊاڪٽر جيسن نيلس جو چوڻ هو ته ھي پھاڙي خاڪا ۽ چٽيل تحريرون اسان کي ٻڌائين ٿيون ته ( ان روڊ جي تعمير کان پھريان) قديم دور ۾ سياح ڪھڙي طرح ھندو ڪش، ھماليا، قراقرم جي پھاڙن ۾ مختلف رستن تان سفر ڪندا هئا. انھن خاڪن ۽ تحريرن سان اسان کي اترين علائقي اندر رھندڙ ماڻهن جي عقيدن ۽ ثقافت کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ کان علاوه دنيا جي ٻين خطن مان ايندڙ غير ملڪي سياحن جي باري ۾ خبر پئي ٿي.

WILFRID LAURIER UNIVERSITY

ڊاڪٽر جيسن مطابق انهن آثارن جي باري ۾ چئي سگهجي ٿو ته ھي ھزار سالن کان وٺي ڪري پنجويهه سو سال پراڻي تھذيب ۽ تمدن جي باري ۾ معلومات فراهم ڪري رهيون آهن.

ھي پھاڙي خاڪا ۽ پٿرن تي چٽيل نقش ڇا ٿا ٻڌائين؟

گلگت بلتستان جي ضلعي چلاس ۾ موجود ٿلپن ڳوٺ جي باري ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته ممڪن آھي ته ڊيم جي تعمير کانپوءِ ھي ڳوٺ نه رھي. ٿلپن ۾ اڄ تائين ماھرن پاران ڪيترائي خاڪا ۽ پٿرن تي چٽيل نقش دريافت ٿي چڪا آهن. ڊاڪٽر جيسن پاران ٿلپن ۾ موجود ھڪ اھڙي چوٽي تي خاڪن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ان علائقي ۾ موجود پٿرن تي جانورن، انسانن ۽ ڪجهه نشانين جا خاڪا تاريخ کان اڳ ۽ تاريخ کان بعد جا آهن، جن ۾ مارخور، پھاڙي ٻڪرا ۽ ٻين جانورن جا نقش آھن جڏهن ته شڪاري ۽ گھوڙي سوارن کان علاوه مختلف ٻين نشانين ۽ عمارتن سان به لاڳاپيل آھن جنھن جو تعلق ھر دور سان ٿي سگهي ٿو.

WILFRID LAURIER UNIVERSITY

انھيء جيان چلاس ۾ ئي ڪجهه پھاڙن تي موجود پراڻي تحريرن جي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته ڪجهه تحريرون گذريل دور جي اھم شخصيتن جي باري ۾ آھن. سندس چوڻ هو ته چلاس ۾ پھاڙن تي اڪريل خاڪا، ڪجهه تصويرون، نشانين کان علاوه ھتي ڏکڻ ايشيا، ايران ۽ وچ ايشيا جي پراڻي زبانن ۾ تحريرون به موجود آهن. شروع جون تحريرون گنڌارا زبان ۾ آھن جيڪي خروستي رسم الخط ۾ آھن، جيڪي ھن علائقي ۾ 2 ھزار کان 17 سو سالن پھريان جون آهن.

WILFRID LAURIER UNIVERSITY

ان تي موجود خاڪا بالاديوا، واسوديوا ۽ راھولا جي نالي سان خروستي رسم الخط سان ڪشيد ٿيل آهن. ھڪ ٻئي پھاڙي خاڪن جي حوالي سان پروفيسر ڊاڪٽر جيسن نيلس جو چوڻ هو ته ٻڌمت جي ان ڊرائنگ ۾ گنڌارا زبان ۾ لکيل آهي جيڪا ٻڌائي ٿي ته بخش يعني راھب سٽوپا جي عمارت ۾ عبادت ڪري رهيا آهن. ھي پھاڙي خاڪا ٽيڪسلا، سوات ۽ گنڌارا ۾ موجود قديم آثارن سان ملندڙ آهن.

WILFRID LAURIER UNIVERSITY

پروفيسر ڊاڪٽر جيسن نيلس جي مطابق درياءَ سنڌ جي آر پار سٽو پا جا ٻيا به خاڪا موجود آهن جن ۾ تحريرون برھمي رسم الخط ۾ آھن جن کي سنسڪرت زبان لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ھي ڪا 1500 سال پراڻي ۽ تقريبن گنڌارا زبان جي بعد واري دور جون آهن. انهن تي موجود خاڪن تي گوتم ٻڌ ۽ سندس پھريان 5 شاگردن جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. ايئن مڃيو ويندو آهي ته ھن پنھنجو پھريون درس انڊيا جي شهر بنارس جي ويجهو سرناٿ ۾ هرڻن جي پارڪ ۾ ڏنو هو. ان لاءِ سندس خاڪن ۾ هرڻن جي خاڪن کي پڻ ڏسي سگهجي ٿو.

WILFRID LAURIER UNIVERSITY

ڊاڪٽر جيسن جي مطابق ھڪ ٻئي پھاڙي خاڪا جنهن ۾ شڪاري، مختلف اوزارن جون نشانيون ۽ پھاڙي ٻڪرن جون تصويرون موجود آهن جنهن مان اندازو آهي ته ھڪ ٻڌ ڌرم جي بعد واري دور جون تصويرون آهن. جنهن ۾ عقيدت، تھذيب ۽ تمدن تبديل ٿي رھيا آھن.

ثقافتي ورثي جو مستقبل

ان باري ۾ ھڪ سوچ اھا به آهي ته ديامير ڀاشا ڊيم جي تعمير جي صورت ۾ اھي قديمي ورثا بهرحال پنهنجي اصل حالت ۾ موجود نه رھندا. جنهن کانپوءِ پوري دنيا جي ماھرن پاران ھي ڳالهه بحث هيٺ آهي ته ھن ورثي کي ڪھڙي طرح محفوظ رکيو وڃي.

WILFRID LAURIER UNIVERSITY

ڊاڪٽر جيسن جو چوڻ هو ته ان ورثي جو ڪجهه نه ڪجهه حصو ته مختلف صورتن ۾ محفوظ آهي. پاڪستاني دانشور مرحوم پروفيسر احمد حسن داني جي ڪتابن کان علاوه جرمني جي ھائيڊلبرگ يونيورسٽي جي تحقيق دانن پاران پاڪستان جي اترين علائقن جي ڪتاب جا پنج شمارا ڇپجي چڪا آهن. اھي ڪتاب انتهائي قيمتي آهن تنهن باوجود اڄا به گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. ان لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جديد طريقا استعمال ڪري ان قيمتي خاڪن ۽ تحريرن کي محفوظ ڪيو وڃي ته جيئن ثقافتي ورثي کي نقصان کان بچائي سگهجي.

واپڊا جو موقف

ھي ڊيم پاڪستان ۾ پاڻي جي ذخيري ۽ توانائي لاءِ ذميوار اداري واٽر پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي (واپڊا) جي زير انتظام ھوندو. اداري جي ھڪ ترجمان ٻڌايو آهي ته ديامير ڀاشا ڊيم جي منصوبي جي مرڪزي ڊيم تي تعميراتي ڪم جي شروعات سان گڏوگڏ منصوبي جي تعمير جي حوالي سان پنهنجي قومي ۽ بين الاقوامي ذميوارين هيٺ واپڊا پروجيڪٽ جي علائقي ۾ ثقافتي ۽ تاريخي ورثي جي تحفظ لاءِ مينيجمينٽ پلان تي پڻ ڪم شروع ڪري رھيو آھي. مينيجمينٽ پلان جو مقصد ديامير ڀاشا ڊيم جي تعمير جي صورت ۾ پاڻي ھيٺ ايندڙ چوٽين تي چٽيل تصويرن ۽ تحريرن کي محفوظ بڻائڻ ھوندو.

WILFRID LAURIER UNIVERSITY

جڏهن ته انھي سلسلي ۾ چلاس قلعي جي بحالي ۽ آرائش ڪئي ويندي.ھن ٻڌايو ته ھتي ھڪ ميوزيم قائم ڪيو ويندو ۽ گلگت بلتستان چلاس ۽ سندس آس پاس واري علائقن اندر ثقافتي سياحت کي فروغ ڏيڻ لاءِ مختلف اپاءَ ورتا ويندا. واپڊا مطابق ثقافتي ۽ تاريخي ورثي جي تحفظ لاءِ مينيجمينٽ پلان ورلڊ بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، يونيسڪو سميت عالمي ماھرن پاران تيار ڪيو ويو آهي. انهن عالمي ماھرن ۾ ھائيڊلبرگ يونيورسٽي جرمني ۾ خاڪن ۽ چٽيل تحريرن جي اداري سان وابسته پروفيسر ڊاڪٽر ھيرالڊ ھاپٽ مين به شامل آهي. واپڊا جي مطابق تقريبن 5 ھزار اھم ترين تاريخي پھاڙي خاڪن جي ٿري ڊي اسڪيننگ ڪئي ويندي. ان جو باقاعدگي سان رڪارڊ مرتب ڪيو ويندو. جن پٿرن کي منتقل ڪرڻ ممڪن ٿيو انھن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويندو. جن پھاڙي خاڪن کي منتقل ڪرڻ ممڪن نه ٿيو انھن جي نقل تيار ڪئي ويندي. واپڊا جي مطابق تعميراتي ڪم جي دوران تاريخي پھاڙي خاڪن جي تحفظ جي لاءِ سائٽ تي بينر، اسڪرين ۽ نشانن سميت ٻيون تمام گهرجون پوريون ڪيون وينديون. (هي آرٽيڪل صحافي محمد زبير خان بي بي سي اردو لاءِ لکيو جيڪو سنڌيار لاءِ امان الله سومرو ترجمو ڪيو. تصويرون ڪئناڊا جي ولفرڊ لاريئر يونيورسٽي جي شڪريي سان شايع ٿيون)

پهنجو تبصرو موڪليو