دوائن، اٽي، کنڊ ۽ ڪڻڪ جا چور عمران خان سان گڏ آهن، سعيد غني

ڪراچي(استاف رپورٽر)سڌ سماءَ جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ملڪ ۾  جيڪي به بحران اچن ٿا وفاق پاران ان جو ذميوار سنڌ سرڪار کي قرار ڏنو ويندو آهي، سنڌ ۾ جيڪا کنڊ جي پيداوار آهي اها اوتري سنڌ ۽ بلوچستان جي گهرج آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪڻڪ جو معاملو الڳ آهي، ڪڻڪ سرڪاري اگهن تي ان ڪري سبسڊي ريٽ تي خريد ڪئي ويندي آهي جيئن آخري مهينن ۾ اٽي جي بحران کان بچي سگهي. آگسٽ ۾ شگر ملز ايسوسيئيشن وارن وفاق کي ٻڌايو هو ته اڳتي هلي کنڊ جو بحران پيدا ٿيندو، پر وفاق ڪي قدم نه کنيا. سعيد غني چيو ته وفاقي وزير چون ٿا ته آصف زرداري جون شگر ملز آهن پر آصف زرداري جون ملون ناهن، چوڌري ڀائرن ۽ پي ٽي آئي وارن جون ملون ضرور آهن ، اومني گروپ اسان جي کاتي ۾ هنيو ويندو آهي پر اومني گروپ جا ته اڪائونٽ بند آهن. هن چيو ته اٽو چور، دوائون چور ۽ کنڊ چور، ڪڻڪ چور عمران خان جي ڀر ۾ ويٺل آهن، عمران جي حڪومت وري انهن چورن جي ڪلهي تي آهي، جيڪڏهن عمران خان کي ڪارروائي ڪرڻي آهي ته انهن چورن خلاف ڪري جيڪي سندس ئي ڪميشن جي رپورٽ ۾ شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو