دهلي ڪانفرنس، پاڪستان بعد چين جي به شرڪت کان معذرت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پاران افغانستان جي تناظر ۾ علائقائي سلامتي بابت گهرايل ڪانفرنس جو پاڪستان پاران بائيڪاٽ ڪرڻ بعد چين به شرڪت کان اهو چئي معذرت ڪئي آهي ته شيڊول ٽائيٽ آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان وانگ وينبن ”شيڊولنگ سببن“ جو حوالو ڏنو ، چيو ته بيجنگ لاءِ 10 نومبر واري اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ ”مشڪل“ هو.  هن پنهنجي باقاعده پريس بريفنگ دوران چيو ته اسان اڳ ۾ ئي ڀارت کي پنهنجو جواب ڏئي چڪا آهيون. انڊيا ٽوڊي جي هڪ رپورٽ موجب، ڀارت 10 نومبر (اربع) تي افغانستان بابت دهلي ريجنل سيڪيورٽي ڊائلاگ جي ميزباني ڪندو، جنهن جي صدارت ڀارت جو قومي سلامتي جو صلاحڪار (اين ايس اي) اجيت ڊول ڪندو. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ست ملڪن شرڪت جي تصديق ڪئي آهي ته هو اجلاس ۾ شرڪت ڪندا جن ۾ ايران، قزاقستان، ڪرغزستان، روس، تاجڪستان، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان شامل آهن. هن مهيني جي شروعات ۾، پاڪستان هندستان جي ميزباني ۾ رٿيل ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. هڪ نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اين ايس اي ڊاڪٽر معيد يوسف چيو هو ”مان نه پيو وڃان، خرابي پيدا ڪندڙ امن ساز نه ٿو ٿي سگهي”.

پهنجو تبصرو موڪليو