دهشتگردن کي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز لڪي مروت ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ۽ دهشتگردن جي فرار جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز جي جوابي فائرنگ ۾ 12 دهشتگرد مارجي ويا، سيڪيورٽي فورسز 7 ۽ 8 فيبروري جي وچ واري رات آپريشن ڪيو، دهشتگردن کي فرار ٿيڻ لاءِ گاڏي فراهم ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي.پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران دهشتگردن وٽان هٿيار، گولا بارود ۽ افغان ڪرنسي هٿ ڪئي وئي، سڪيورٽي فورسز علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن ڪري رهي آهي.آءِ ايس پي آر چيو ته گذريل هڪ هفتي دوران دهشتگردن جي نگراني ڪئي وئي، مقامي اڳواڻن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج جي ڪوششن کي ساراهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو