دبئي انٽرنيشنل اسڪرين ايوارڊز تقريب جي ميزباني لاءِ تيار

دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي پهرين انٽرنيشنل اسڪرين ايوارڊ دبئي ۾ منعقد ٿيندي جنهن ۾ ماهره خان، صبا قمر ۽ فواد خان سميت ڪيترائي اسٽار ۽ مشهور شخصيتون شرڪت ڪنديون. گلف نيوز مطابق دبئي پاڪستان جي پهرين انٽرنيشنل اسڪرين ايوارڊ جي ميزباني لاءِ تيار آهي. ايوارڊن جو اعلان تازو دبئي سان تعلق رکندڙ ايوارڊ تقريب جي ايگزيڪيٽو پروڊيوسر فيصل خان ڪيو هو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽيلينٽ جي گهٽتائي ناهي پر ان کي عالمي پليٽ فارم تي ڏيکارڻ جون ڪوششون ڪيو وڃن. فيصل خان چيو ته تقريب دوران اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شخصيتن کي به ايوارڊ سان نوازيو ويندو. ايوارڊ تقريب ۾ ماهره خان، فوادن خان، صبا قمر، عائشه عمر، اشنا شاهه، حريم فاروق، ثروت گيلاني، عمران عباس، شهريار منور، جاويد شيخ، عمير جيسوال، جنيد خان، ساره لورين، ولاگرمورو، اسٽرينگز، فرحان سعيد، عروه ۽ ماوره حسين سميت ڪيترن ئي اسٽارن جي شرڪت متوقع آهي. رپورٽ مطابق اداڪاره مهوش حيات شوٽنگ جي مصروفيتن سبب ايوارڊ تقريب ۾ شرڪت نه ڪري سگهندي ايوارڊ تقريب ايندڙ سال 7 فيبروري تي منعقد ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو