خودڪار ڊرون 71 سالن جي شخص جي حياتي بچائي ورتي

اسٽاڪ هوم(ويب ڊيسڪ) سوئيڊن ۾ گهر آڏو برف هٽائيندڙ 71 سالن جي شخص کي دل جو دورو پيو ۽ ايمرجنسي سروس واري ڊرون سندس زندگي بچائي ورتي. اتفاق سان جنهن وقت هو دل جو دورو پوڻ ڪري ڪري پيو ته ان وقت مصطفيٰ علي نالي ڊاڪٽر جو اتان گذر ٿيو ۽ هن گاڏي روڪي مريض جي سيني تي دل مٿان پش اپ هڻندي سندس وات تي پنهنجو وات رکي ڦوڪون ڏنيون. ان سان سندس ڦڦڙن ۾ آڪسيجن وئي ۽ دماغ سن نه ٿيو، دل تي جهٽڪن سبب دل مڪمل خاموش نه ٿي ۽ ٿوري ٿوري حرڪت ڪندي رهي . ڊاڪٽر ڀر ۾ بيٺل شخص کي ايمرجنسي نمبر ملائڻ لاءِ چيو ۽ ٽن منٽن ۾ هڪ خودڪار ڊرون ايڪسٽرنل ڊي فيبري ليٽر (اَي اِي ڊي) کڻي مريض وٽ پهتو. هي اهو آلو آهي جنهن سان مريض کي سيني تي بجلي جو جهٽڪو ڏنو ويندو آهي جنهن سان دل ٻيهر ڪم ڪرڻ شروع ڪندو آهي. ايمبولينس کان ڊرون پهچي ويو ۽ بعد ۾ مريض کي ايمبولينس ۾ به طبي امداد ملي ۽ سندس حياتي بچي وئي. ڊرون هلائيندڙ ڪمپني موجب هو 14 مان 12 مريضن جي حياتي بچائي چڪا آهن. يورپ جي ملڪن ۾ پنهنجي شهرين جي حياتي بچائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جي استعمال بابت مقابلو آهي ته ڪيئن شهرين کي جديد طبي سهولتون پهچائي سندن زندگي بچائي سگهجي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو