خريف لاءِ ڊي اي پي تي سبسڊي بابت درخواستون طلب

ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ) زرعي توسيع کاتو ضلع ڪشمور سنڌ حڪومت جي حڪم تي هارين کي ايندڙ خريف جي فصل ۾ ڊي اي پي ڀاڻ ۾  سبسڊي ڏيڻ لاء درخواستون گهرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن  هاري جي زمين 01 کان 16 ايڪڙ  تائين آهي۔ انهن کي  سنڌ حڪومت ڊي اي پي ڀاڻ ۾ سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. خواهشمند هاري  پنهنجي ٻني جو ستين فارم جي ڪاپي  مختيارڪار کان تصديق ٿيل ۔درخواست گذار جي ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊ جي ڪاپي۔ٻن شاهدن جي شناختي ڪارڊ جي  ڪاپي ۽ ٻه پاسپورٽ سائيز فوٽو درخواست سان گڏ زرعي توسيع کاتو ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جي آفيس ۾ جمع ڪرائن۔ سنڌ حڪومت پاران ڏنل سبسڊي مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪن۔

پهنجو تبصرو موڪليو