’حڪومت ۽ رياست انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار نه آهن‘

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته حڪومت ۽ رياست انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار ناهن. تقريب کي خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي صورت ۾ رياست کي پوئتي هٽڻو پيو، انتهاپسندي جو وڏو سبب مدرسا نه پر اسڪول آهن جن ۾ 90 جي ڏهاڪي ۾ انتها پسندي جي تعليم لاءِ استاد ڀرتي ڪيا ويا هئا. اسان کي پنهنجو پاڻ کان خطرو آهي  يورپ ۽ آمريڪا کان خطرو ناهي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته انتهاپسندي ڪنهن ملڪ يا قوم کي اڪيلو ۽ تباهه ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته هڪ ئي نظريي کانسواءِ ڪنهن به سوچ يا شيءِ تي ڪفر جي فتويٰ لڳائي ويندي آهي، اسلام توازن ۽ امن جو درس ڏئي ٿو، اسلامي تعليمات يا ڪنهن به مذهب جي تعليمات ۾ ڪو مسئلو ناهي، ان جي تعبير ۾ مسئلو آهي. فواد چوڌري چيو ته اسان پوليسنگ جو نظام به تباهه ڪيو، ان جو ڪو به متبادل ناهي، مڪاني ادارن وارو نظام به تباهه ڪيو ويو، جيڪڏهن اوهان عوام جي جان نه بچائي سگهندا ته نرم تبديلي ڪيئن ايندي؟ جڏهن حڪومتي رٽ ختم ٿيندي ته انتهاپسند غالب ٿيندا. هن چيو ته جيستائين قانون جي حڪمراني کي يقيني نه بڻايو ويندو تيستائين مثبت تبديلي جو ڪو به امڪان ناهي. فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم هائوس ۽ گهرو وزير جي سطح تي ڳالهيون نه ٿيون. هن چيو ته جيستائين اسان قانون تي عمل نه ڪنداسين تيستائين عوام جون جانيون بچائي نه ٿيون سگهن، رياست کي صرف قانون لاڳو ڪرڻ گهرجي، توهان جنگ ۾ وڃو، رياست جو ڪنٽرول توهان سان ختم ٿي ويندو، گروهه اچي ويندا. اڳتي هلي جيڪو رياست جو ڪنٽرول سنڀاليندو. فواد چوڌري چيو ته انتهاپسندي جي معاملي ۾ سماج کي پاڻ کي درست ڪرڻو آهي، ان کي روڪي سگهجي ٿو. هن چيو ته ڪلاشنڪوف کڻي حڪومت خلاف احتجاج ڪرڻ سان رياست جي رٽ ختم ٿي ويندي. وفاقي وزير چيو ته رياست جو ڪم رڳو اهو آهي ته تشدد جو حق ڪنهن هڪ گروهه وٽ نه وڃي، هن اهو به چيو ته جيڪڏهن رياست ڪمزور ٿي ۽ انتهاپسند گروهه مضبوط ٿي ويندا ۽ رياست تي قبضو ڪري ويندا. جيستائين اسان قانون جي بالادستي کي يقيني نه بڻائينداسين تيستائين رياستي رٽ قائم نه ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو