’حڪومت ڪرپشن ۽ مهانگائي تي ڪنٽرول ۾ ناڪام ٿي چڪي‘

لاکا روڊ(اظهر جلباڻي)هالاڻي ۾ عوامي اتحاد جي سڏ وڌندڙ مهانگائي ، بد امني ، ملڪ ۾ ڪرپشن  بيروزگاي خلاف احتجاجي ريلي  ڪڍي ، عوامي اتحاد ۽ آل پاٽيز جي سڏ تي  درگاهه هالاڻي شريف کان پريس ڪلب تائين  بينر پلي ڪارڊ  هٿن ۾ کڻي  احتجاجي ريلي ڪڍي ،احتجاجي ريلي جي اڳواڻي سيد حماد ا لله شاهه ، امدا علي چانگ ، قاضي الطاف ، قربان علي گاڏهي  ڪئي هالاڻي ۾ مهانگائي خلاف نڪتل ريلي ۾ شهرين به وڏي انگ ۾ شرڪت  ڪئي  ان موقعي تي  اڳواڻن خطاب ڪندي چيو  ملڪ جو عوام  ڪرپشن ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگي ۽ بيروزگاري سبب سخت پريشاني جو شڪار آهي، هنن عمران نياز گو گو جا پڻ نعرا هنيا هنن چيو ته  ملڪ ۾ مهانگائي جو زميوار عمران خان آهي ، جلد مهانگائي تي ضابطو آڻي عوام کي مشڪلاتن مان ڪڍيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو