حڪومت وٽ نوڪريون ڏيڻ لاءِ پئسا ناهن؛ عبدالحفيظ شيخ

اسلام آباد (اياز مهر) مشير خزانه ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته واپارين سان مذاڪرات ۾ معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ٿيوويو آهي قومي شناختي ڪارڊ ڊاڪومينٽيشن جو حصو هوندو. هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي حفيظ شيخ چيو ته اسان کي ٽيڪس جي شرح کي وڌائڻو آهي بزنس ڪميونٽي ۽ عام ماڻهن کي سمجهائڻو آهي ته حڪومت وٽ ايترا پئسا ناهن جو هو سرڪاري ادارن ۾ ماڻهن کي نوڪريون ڏئي سگهي پر ملڪ ۾ روزگار جا موقعا وڌائڻ لاءِ حڪومت کي فيصلا ڪرڻا پوندا ان سلسلي ۾ سستي گهرن لاءِ 30 ارب رپين جو پيڪيج ڏنو آهي. مشير خزانه جو چوڻ هو ته اسان ٻين جڳهن کان ڪٽ لڳائي اها پئسا ڪڍنداسين اسان جي ڪوشش آهي ته ڪنهن به شيءِ جي قيمت نه وڌي گذريل چئن مهينن کان تيل جون قيمتون ناهن وڌايون گذريل حڪومتن جي سـٺن پروگرامن کي ٻيڻو ڪيو آهي ڪا به حڪومت سڀ ڪجهه برو ناهي ڪندي. عبدالحفيظ شيخ چيو ته پاڪستان کي سڀ کان وڏو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ورثي ۾ مليو آهي ڇاڪاڻ ته اسان درآمدات ڪافي گهٽائي ڇڏيو آهي ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته برآمدات کي وڌائڻ گهرجي. پي ٽي آءِ حڪومت آئي ته گردشي قرضن ۾ ماهوار 38 ارب رپيا اضافو ٿيندو رهيو جيڪو هاڻي ماهوار 12 ارب رپيا آهي ڪوشش آهي ته ڊسمبر 2020 کان اڳ ان کي زيرو تي پهچايو وڃي. مشير خزانه وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته هاڻي بجلي جي قيمتن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اضافو ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو