حڪومت جي پارليمان گردي ۽ اپوزيشن جو ڪردار

ليکڪ  عبدالمجيد بروھي 

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اجڏھن حڪومت پاران پھريون بل اليڪشن بابت ترميمي بل پيش ڪيو ويو تـ ان وقت تـ پھريان اسپيڪر صاحب صرف آواز جي شور تي بل منظور ڪرڻ جو  چيو پر جڏھن اپوزيشن پاران راء شماري جو مطالبو ڪيو ويو تـ اسپيڪر پاران ڳڻپ ڪرائي وئي جنھن تحت حڪومت جي ترميم جي حق ۾ 221 ووٽ پيا ۽ مخالفت ۾ 203 ووٽ پيا جنھن تي اپوزيشن پاران سخت اعتراض ڪندي ووٽ چور ووٽ جا نعرا ھنيا ويا جنھن بعد اپوزيشن جي پ پ پ اڳواڻ سينيٽر تاج حيدر پاران اعتراض ڪيو ويو تـ ٻين بلن کي ڇڏيو پھريان ڳڻپ غلط آھي ان کي درست ڪري ٻيھر ڳڻپ ڪرايو جنھن تي اسپيڪر پھريان انڪار ڪيو پر اپوزيشن احتجاج بعد ٻيھر ڳڻپ جو حڪم ڪيو جنھن بعد مسلم ليگ جو مرتضيٰ جاويد عباسي جڏھن عملي سان گڏجي ڳڻپ لاء وڌيو تـ  ان وقت مراد سعيد اسپيڪر جي حڪم کي ٿڏي اپوزيشن جي ارڪان کي ڌڪا ڏئي ٻيھر ڳڻپ کان روڪيو ويو ھتي اسپيڪر خاموش رھيو اپوزيشن جو الزام ھيو تـ غلط ڳڻپ ڪري ووٽ چوري ڪيا ويا آھن ۽ ڳڻپ ۾ معاون خاص ۽ صلاحڪارن کي بـ شامل ڪيوـويو آھي جيڪا ڌانڌلي آھي پر مراد سعيد جي روڪڻ بعد اسپيڪر بـ ٻيھر ڳڻپ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ پنھنجي رولنگ واپس ورتائين ھي سڀ ڪجھ واقعي ڇا آھي ٻيھر ڳڻپ ڪرائڻ  جو مطالبو آئيني ۽ جمھوري حق آھي اپوزيشن جو ۽ جنھن ايوان ۾ 450 کان مٿي ماڻھون ويٺل ھجن ۽ مقابلو برابريء جو ھجي اٿي آواز مان اسپيڪر صاحب ڪيئن ٿو اندازو لڳائي سگھي تـ ڪنھنجي حق ۾ آواز وڌيڪ آھي ان بعد جڏنھن غير ملڪين کي ووٽ ڏيڻ جو حق انٽرنيٽ ذريعي ڏيڻ وارو بل پيش ڪيو ويو تـ ان کان اڳ اپوزيشن وارن ٻيھر اھو مطالبو ڪيو تـ ھن بل تي بـ ڳڻپ ڪرائي وڃي جنھن کي پڻ حڪمران ڌر جي اسپيڪر مسترد ڪري آمريت جو ثبوت ڏنو آھي جنھن بعد اپوزيشن سخت اعتراض ڪندي ووٽ چور ووٽ چور ڌانڌلي نا منظور جا زوردار نعريبازي ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ھليا ويا جنھن بعد ان ساڳي بل ۾ چور دروازي کان الڪيٽرانڪ مشين ذريعي ووٽ ڪرائڻ وارو ترميم پڻ اپوزيشن جي غير موجودگي ۾ ڪيو ويو جيڪو بلڪل غير آئيني تصور ڪيو ويندو اپوزيشن جي سربراھ مولانا فضل رحمان پاران سخت رد عمل ظاھر ڪندي زبردستي پاس ڪندڙ سمورن بلن کي مسترد ڪري اپوزيشن کي پاڻ وٽ سڏائي ورتو آھي ھوڏآنھن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پاران پاس ڪيل بلن خلاف ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي ھن سموري صورتحال ۾ تمام اپزيشن اڄ ھڪ پيڄ تي نظر آئي اپوزيشن کي ھاڻي دير نـ ڪرڻ گھرجي سموري اپوزيشن کي گڏجي عدالت جو درکڙڪائڻ سميت تمام آپشنز جن ۾ ھاڻي لانگ مارچ جو اعلان بنا دير ٿيڻ گھرجي ۽ تاريخ جو اعلان ڪري لانگ مارچ گڏجي ڪرڻ گھرجي ان کان علاوا ھن وقت تمام اسيمبلين سينيٽ سميت قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي پڻ استعيفا ڏيڻ گھرجي ھاڻي وڌيڪ اگر مگر ۽ ٽال مٽول ڪرڻ ملڪ جي عوام سان ڌوڪو ھوندو ۽ ان سان گڏ ضد ۽ انا کي پوئتي ڇڏي ڪري پي ڊي ايم کي ٻيھر فعال ڪري پ پ پ ۽ اي اين پي کي پڻ واپس ورتو وڃي ۽ ملڪ جي عوام کي ھن آمر عمران خان کان ۽ سندس ڪرپٽ ۽ ووٽ چور ساٿين کان نجات ڏياري ملڪ عام چونڊن طرف۔  وڃڻ گھرجي ٻئي صورت ۾ ھي ائين ئي ملڪ کي ويندا ورلڊ بينڪ ۽ آء ايم ايف وٽ گروي ڪندا 

Brohimajeed@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو