لاهور (م ڊ) احتساب عدالت ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز تي رمضان شگر ملز ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ ٻنهي جوابدارن ڏوهه تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. جسٽس نجم الحسن جي عدالت ۾ نيب جي وڪيل چيو ته چينوٽ ۾ واقع رمضان شگرملز جنهن جو حمزه شهباز ڊائريڪٽر آهي، تنهن جي نيڪال لاءِ نالو سرڪاري خرچ تي 20 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان ٺهرايو ويو. رقم جي منظوري ميان شهباز شريف بطور وزيراعليٰ ڏني ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو. ان موقعي تي شهباز شريف به موجود هو جنهن چيو ته خدا گواه آهي ته هن ڪجهه به غلط ناهي ڪيو. جنهن تي جج کيس چيو ته توهان پنهنجي واري مهل ڳالهائجو. هوڏانهن ايف آءِ اي دبئي فرار ٿيندڙ محمد مشتاق کي لاهور ايئرپورٽ تان گرفتار ڪري ورتو آهي. هن تي الزام آهي ته هو شريف فيملي جو فرنٽ مين آهي ۽ 60 ڪروڙ روپيا حمزه جي ڀاءُ سلمان شهباز جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيا آهن. ياد رهي ته سومر تي لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز جي گرفتاري کان نيب کي روڪيندي17 اپريل تائين سندس عبوري ۽ حفاظتي ضمانت منظور ڪئي هئي. عدالت حمزه شهباز کي هڪ ڪروڙ جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي نيب کي نوٽيس جاري ڪندي کانئن 17 اپريل تي جواب طلب ڪرن جو حڪم جاري ڪيو هو.
ريڊيو پاڪستان جا رٽائرڊ ملازم ادائيگين کان محروم،ڪراچي ۾ احتجاج
ڪروڙين ماڻهن جي چيٽ ” جي پي ٽي “ ڏانهن لاڙو، انگ اکر
پي ٽي آءِ احتجاج ملتوي ڪري، ڪو هٿ چڙهيو ته پوءِ اسان کي ميار نه ڏجو
پي ٽي آءِ کي لاش گهرجن، ماڻهن کي مارائڻ جي منصوبه بندي ٿي چڪي
ڊاڪٽر شاهنواز جي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ قتل خلاف احتجاج جو اعلان
ترميم لاءِ چيو ويو ته آچر تي ڪيون ، ٻي صورت ۾ سومر تي آسمان ڪرندو
ملائشين وزيراعظم جي پاڪستان آمد، گارڊ آف آنر پيش،شهباز سان ملاقات
بلاول ڀٽو جو جماعت جي اسرائيل خلاف احتجاج ۾ شرڪت جو اعلان
63 اي نظرثاني ڪيس جو فيصلو ڪلعدم،درخواستون منظور
آمريڪا جي ‘گلوبل گيم’ ۽ جنگ جي گهيري ۾ آيل وچ اوڀر
پاڪستان تجويزن تي عمل ڪندو ته هي آخري پروگرام هوندو، آءِ ايم ايف
اسلام ڪوٽ روڊ حادثو ، 2 ڄڻا فوت، 20 کان وڌيڪ زخمي
رتيش بريڪ اپ جو پيغام موڪليو: جينيليا جي دلچسپ ڪهاڻي
ايڪسچينج تاريخ جي نئين حدر پار ،980 پوائنٽس جي واڌ
قلعه سيف الله ۾ ڊپٽي ڪمشنر شيراني جي گاڏي تي فائرنگ
سنڌ سرڪار کي ڊي ايڇ اي کي زمين الاٽ نه ڪرڻ جو حڪم
نتاشه عدالت آڏو پيش نه ٿي،حاضري ڇوٽ منظور
اڊيالا جيل جي ڊپٽي ۽ اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ سميت 4 اهلڪار برطرف
ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي اسرائيلي حملن جي حمايت نه ڪنداسين
سڄي سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽيز جا وي سيز طلب