حفيظ پاشا جي بلاول سان ملاقات ’چارٽر آف اڪانومي‘ پيش ڪيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان اقتصادي ماهر ڊاڪٽر حفيظ پاشا زرداري هائوس ۾ ملاقات ڪئي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڊاڪٽر حفيظ پاشا وچ ۾ ملڪي معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر حفيظ پاشا چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي پنهنجو ڪتاب چارٽر آف اڪانومي پيش ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو