حديقه ڪياني سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي بيحد خوش

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)معروف گلوڪاره حديقيه ڪياني سنگل پيرينٽ واري ٻار کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ واري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم کي بيحد پسند ڪندي لکيو آهي ته ان عمل سان اسانجو ملڪ مهذب معاشرن واري ڳڻپ ۾ هڪ اهم قدم وڌايو آهي. ياد رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ21 نومبر تي ڪراچي سان تعلق رکڻ واري هڪ معذور ٻارڙي جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي نيشنل ڊيٽا بيس ريجسٽريشن اٿارٽي(نادرا) کي حڪم ڏنو هو ته جن ٻارن جي پرورش اڪيلي والد يا والده ڪئي هجي انهن کي شناختي ڪارڊ جاري ڪيو وڃي ۽ سرپرست جي خاني ۾ سندن سنگل پيرينٽ جو نالو لکيو وڃي. ياد رهي ته نادرا جي رولز موجب والدين جو هجڻ ضروري هو جيڪي هاڻي تبديل ٿيندا. حديقہ ڪياني سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اهو فيصلو انسٽا گرام تي شيئر ڪندي چيو ته هي زبردست فيصلو آهي. صرف خدا ئي سنگل پيرينٽ جي درد کي سمجهي سگهي ٿو ته هو ڪهڙين ڏکاين کي منهن ڏين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو