حديقه ڪياني جو پنهنجي ٻنهي شادين ۽ پٽ بابت اهم انڪشاف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ڳائڻي ۽ اداڪارا حديقه ڪياني هڪ شو دوران پنهنجي نجي زندگيءَ جي اُٿل پٿل بابت ڳالهائيندي ٻڌايو ته جڏهن مون کي پهريون ڀيرو طلاق ٿي ته مون گهڻي دير تائين ٻي شادي نه ڪئي پر ان دوران هڪ اهڙو شخص به هو جيڪو منهنجي زندگيءَ ۾ ڪجهه فاصلن تائين مون سان گڏ رهيو. هن چيو ته ان وقت منهنجي دل چاهيندي هئي ته مان ماءُ بڻجان، ان ڪري مون ان شخص سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ته مان هڪ ٻار کي گود وٺڻ چاهيان ٿي، جنهن کانپوءِ هن مون کي صلاح ڏني ته جيڪڏهن اها منهنجي خواهش هجي ته ان کي ڪرڻ گهرجي. حديقه جو چوڻ هو ته منهنجي ٻي شادي جو سبب به منهنجو پٽ هو ڇو ته مان چاهيان ٿي ته منهنجو پٽ پيءُ جو نالو رکي ته جيئن پيءُ جي سرپرستي نه ٿيڻ ڪري پٽ کي ڪا به پريشاني نه ٿئي. اداڪارا جو چوڻ هو ته پٽ کي گود وٺڻ کانپوءِ ٻن مهينن بعد ٻي شادي ڪئي پر مختلف مسئلن سبب ڪري اهو رشتو گهڻو وقت نه هلي سگهيو ۽ اسان الڳ ٿي وياسين.

پهنجو تبصرو موڪليو