حارث رئوف ميلبورن اسٽارز ۾ واپس، 27 تي ميچ کيڏندو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر حارث رئوف هن سيزن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر آسٽريلوي بگ بيش ليگ ۾ ميلبورن اسٽارز لاءِ کيڏندو. ميلبورن اسٽارز اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف جي هن سيزن ۾ ٽيم ۾ واپسي ٿي وئي آهي، حارث رئوف ٻه سال اڳ ميلبورن اسٽارز لاءِ ڊيبيو ڪيو هو، جنهن کانپوءِ کيس شهرت ملي هئي. هن لاهور قلندرز جي پليٽ فارم تان ميلبورن اسٽارز سان معاهدو ڪيو ۽ پوءِ سندس قومي ٽيم ۾ شموليت جو رستو هموار ٿي ويو، حارث هن ڀيري ٻيهر آسٽريلوي ليگ کيڏندو، هو پنهنجي پهرين ميچ 27 ڊسمبر تي برسبين هيٽ خلاف کيڏندو. حارث رئوف سيزن جي پڄاڻي تائين ميلبورن اسٽارز وٽ موجود هوندو. سندس دستيابي ڪووڊ پروٽوڪول سان مشروط آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو