جوڻيجو نئون ڊڪشن ڏنو،هو قطب تارو هو،اديب“

ليکڪ پيار علي نهڙيو

عبدالقادر جوڻيجو 13 سيپٽمبر 1945 تي ٿر جي ڳوٺ جنهاڻ جوڻيجو ۾ جنم ورتو، هن سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي سوشالاجي ۾ ايم اي ڪئي ۽ ايم ايڊ پڻ ڪئي. عبدالقادر جوڻيجي پي ٽي وي ڪراچي ۽ لاهور تان ڪيترائي مشهور سنڌي ۽ اردو ڊراما لکيا. عبدالقادر جوڻيجي ڪيترائي ڪهاڻين جا ڪتاب ۽ ناول به لکيا، جن ۾ واٽون،  رول، ۽ شڪليون، راتيون، ويندڙ وهي ۽ لهندڙ سج، وڏا اديب وڏيون ڳالهيون، سون روپو سج، ايورسٽ تي چڙهائي، ڪرسي، ڇو ڇا ۽ ڪيئن، در در جا مسافر، وڻ وڻ جي ڪاٺي ۽ ٻيا شامل آهن.

جڏهن ته هن ڪيترائي ترجما به ڪيا. عبدالقادر جوڻيجي 7 سنڌي ڊراما سيريل ۽ 16 ڊراما لکيا، اردو ۾ 6 ڊراما ۽ 15 ڊراما سيريل لکيا. سندس يادگار ڊرامن ۾ ڪاروان، ديوارين، ڇوٽي سي دنيا، سيڙهيان، دک سک، ٿوڙي خوشي ٿوڙا غم ۽ پراندا شامل آهن. عبدالقادر جوڻيجو 1962 ۾ پرائمري اسڪول جو ٽيچر مقرر ٿيڻ کان پوءِ سيڪنڊري اسڪول ٽيچر ٿيو، جنهن بعد سنڌ الاجي ڄامشورو جو ڊائريڪٽر ۽ سنڌي لينگويج اٿارٽي جو چيئرمين پڻ بڻيو. عبدالقادر جوڻيجي کي ٻه ڀيرا 2008 ۽ 2016 ۾ صدارتي ايوارڊ حسن ڪارڪردگي ڏنو ويو. کيس لطيف ايوارڊ سميت ٻين ڪيترن ئي ايوارڊز سان پڻ نوازيو ويو. عبدالقادر جوڻيجي جا ويندڙ وهي لهندڙ سج، وڏا اديب وڏيون ڳالهيون ، سونو روپو سج، ايورسٽ تي چڙهائي، در در جا مسافر، وڻ وڻ جي ڪاٺي مشهور ڪتاب آهن. عبدالقادر جوڻيجو نه صرف سنڌي ڪهاڻي جو شهزادو هو پر کيس فطرت جي علم تي به ڪمال جي دسترس حاصل هئي

. ٿر جي دانشور چمن آرٿري جو چوڻ هو ته  جوڻيجو صاحب کي بوسڪي جو جوڙو، حيدر رند جا ڪلام، گولڊ ليف سگريٽ، ۽ ڳوٺاڻن ماڻهن جون ڳالهيون گهڻيون پسند هونديون هُيون.

سندس بابت اياز شاهه رضوي چيو ته عبدالقادر جوڻيجو قلمي پورهيو ادب جي اُڀ تي قطب تاري جيان سدائين روشن رهڻو آهي سندس منفرد ڊڪشن کيس پنهنجي همعصر ليکڪن کان الڳ بهاريو هن جن ڪهاڻي هجي ڪالم هجي خاڪو هجي يا ڊرامو سندس پڙهندڙ سندس لکڻي بنان نالي به سڃاڻي ويندو ڇوته سندس اسلوب جدا ۽ منفرد هو.

ليکڪ نظير ساھڙ سندس وڇوڙي تي ويچار ونڊيندي  چيو ته عبدالقادر جوڻيجي جي موت تي رڳو جنهاڻ جون سيمون سڃيون ناهن ٿيون پر ´´هورو “ ڪهاڻي ۽ ´´ديوارين“ ڊرامو به يتيم ٿيا آهن. سنڌ جي هن اسٽائلش ڪهاڻيڪار جي اها ڪيڏي نه عجيب موڪلاڻي آهي جو هو بهار جي موسم ۾ اسان کان وڇڙي ويو  ۽ اسان سڀني جي هٿن ۾ ڪو گل به ناهي. توڻي جو سندس ئي جنهاڻ جي سيم ۾ روهيڙا رتن گلن سان ٽٽيو ٿا پون. خبر ناهي راڻي جهڙا ڊراما لکندڙ هن راڻي ڪهاڻيڪار کي ايتري به ڪهڙي تڪڙ هئي جو هن پنهنجي وڃڻ جو پروگرام انهن ڏينهن ۾ ٺاهيو جڏهن ڪورونا سبب سنڌ هن جي آخري سفر ۾ ساڻس شريڪ به نه ٿي سگهي !

خالد ڪنڀار جي بقول ته جوڻيجو ڪير سڏائي هو سنڌي ٻولي ۾ صفا منفرد ٻولي ڊڪشن ۽ موضوع کڻي آيو. هن لکڻ ۾ انهي ٻولي جو استعمال ڪيو جيڪا اسپوڪن لئنگويج هئي. انهي ڪري هن جو اکر اکر ماڻهن کي پنهنجو لڳو. هاڪڙو درياءِ هن اهڙن اهڙن ڪردارن کي غير معمولي بڻائي ڇڏيو جيڪي سماج جا معمولي ڪردار هئا جيئن رامجي ڪولهي. ڪيسري ڀيلڻ رمضان جوڻيجو پنهون ريٻاري . هن جي قلم کي اها طاقت هئي لوڪ ڏاهپ کي هن اهڙي انداز سان بيان ڪيو جو لوڪ ڏاهپ به سائنسي لڳڻ لڳي. مهراڻي جي ڪس جي ٻولي هون به شاهوڪار آهي. پر هن انهي جي عمر وڌائي ڇڏي. ڪهاڻي ۾ هورو ڇا ڪهاڻي آهي، ڪمال آهي. هن جي ڊرامن عالمي شهرت ماڻي انهي جو سبب هو ٺيٺ ڳوٺاڻو هو انهي ڪري هن جا موضوع به اهي هئا. هو سنڌي نثر جو ڪنگ ميڪر هو.

اعجاز مهر چيو ته جوڻيجو صاحب ادبي دنيا جو مٿير مڙس ۽ ڳوٺاڻي ڳالهين جو ڳهير هو. سندس ڪچهري مان اٿڻ تي دل ئي نه ڪندي هئي. اسين ڪاوش ۾ ٻئي لکندا هئاسين ۽ هڪ ڀيري فون ڪري چيائين مان تنهنجي ڪالمن جو عاشق آهيان. هو محبتي روح وارو نفيس ۽ خوبصورت انسان هو.

شاعر جبار ساهڙ  عبدالقادر جوڻيجو جي وڇوڙي تي چيو ته سنڌي ادب جنهن تسلسل جي تختي تي پنهنجو پاڻ کي باقاعدگي سان بيهاري دنيا جي ادب سامهون سنڌ جي اصل عڪاسي ڪندو اچي عبدالقادر جوڻيجو صاحب انهي عڪس جو هڪ عظيم اهو ڪردار آھي جنهن جي قلم سنڌ جي ادب شناسي کي اها شناخت بخشي آھي جنهن کي تاريخ ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهي. عبدالقادر جوڻيجي صاحب جي قلم سان قدرتي ڏات جي ديوي جو اهو رشتو هو جيڪو قدرت وارو ڪنهن خوش نصيب ماڻھو کي ارپيندو آھي ۽ سائين عبدالقادر جوڻيجو صاحب انهن خوش نصيبن مان هڪ آھي. سنڌي ادب جي سونهن واري سينگاريل سيج تي سائين جو نالو سرفهرست رهندو !

ڊگھي وقت کان جگر جي ڪينسر ۾ مبتلا رهندڙ ٿر ملير ڄائو عبدالقادر جوڻيجو 75 سالن جي ڄمار ۾ سومر تي رات دير سان حيدرآباد جي نجي اسپتال ۾ دم ڏنو هو، مرحوم جو مڙھ اڱاري ڏينهن نئون ڪوٽ لڳ اباڻي ڳوٺ جنھاڻ آندو ويو جتي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. ڪرونا وائرس جي خدشي سبب مرحوم جو آخري رسمون محدود ڪيون ويون.

جنازي نماز ۾ اديبن سائينداد ساند، محسن ٻٻر، دولترام کتري خالد جوڳي، نصير ڪنڀار، اياز شاھ رضوي، سيد سجاد علي شاھ ، اشرف سمون سميت سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن  ڳوٺاڻن ۽ صحافين شرڪت ڪئي مرحوم کي هاڪڙي ڪپ تي اباڻي قبرستان ۾  آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

سندس سوڳوارن ۾ پٽ نصير جوڻيجو، گهرواري، 3 ڌيئرون ۽ سنڌي توڙي اردو ادب جا لکين پڙهندڙ شامل آهن.مرحوم جو تڏو اباڻي ڳوٺ جنهاڻ جوڻيجا ۾ وڇايو ويو آهي جتي سندس ڀائيٽا عبدالرحمان جوڻيجو امان الله جوڻيجو تعزيتون وصول ڪري رهيا آهن جڏھن ته سندس پٽ نصير جوڻيجو سندس ڄامشورو ۾ به تڏو وڇائي تعزيتون وصول ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو